خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ قائداعظم ٽرافي ۾ مقابلا جاري، وڌيڪ ٻن ميچن جو فيصلو ٿي ويو، المھراڻ پير ڳوٺ ۽ سپر ناز ڪلب خيرپور ميچز کٽي ورتا. خبر موجب  ڊائمنڊ ڪرڪيٽ ڪلب خيرپور پاران ڊسٽرڪٽ ڪرڪيٽ ايسوسئيشن جي تعاون سان خيرپور جي تاريخي ناز هاءِ اسڪول ڪرڪيٽ گرائونڊ تي ٽيون قائد اعظم ڪرڪيٽ ٽرافي ۾ مقابلا جاري رهيا ۽ وڌيڪ ٻن ميچن جو فيصلو ٿي ويو. پھريون ميچ المھراڻ ڪرڪيٽ ڪلب پير جو ڳوٺ ۽ ٺري ميرواھ اسٽار  ڪرڪيٽ ڪلب وچ ۾ ٿيو جنهن ۾ المھراڻ ڪلب پھريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 188 رنسون ٺاھيون جنھن ۾  سنگھار ناٽ آئوٽ 114 ۽ سجاد قاضي 20  رنسون ٺاھيون جڏهن ته اسلم 3 وڪيٽون حاصل ڪيون جواب ۾ ٺري ميرواھ اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب جي سڄي ٽيم 60 رنسون ٺاھي آئوٽ ٿي وئي. اھڙي طرح المھراڻ پير جو ڳوٺ ھي ميچ 128 رنسن تان کٽي ورتي. ٻي ميچ ۾ علي قلندر ڪرڪيٽ ڪلب پھريان بيٽنگ ڪندي 114 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي جنھن ۾ نديم 35 رنسون ۽ ادريس 4 وڪيٽون ورتيون جواب ۾ سپر ناز ڪرڪيٽ ڪلب خيرپور بغير وڪيٽ جي نقصان تي 115 رنسون ٺاھي 10 وڪيٽن  تان ميچ کٽي ورتي جنھن ۾ سميع الرحمان 60 ۽ رميز 45 رنسون ٺاھي ڪاميابيءَ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو..