رڳو پاڻي ئي نه، بندن جي ‘کاڌ’ آبپاشي عملدار به ڪن ٿا

0
170
وزير اعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيل گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ نئين ڊجيٽل آدم ڳڻپ جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي آهي.

هونئن ته سنڌ جي آبپاشي کاتي جا ‘پهتل’ عملدار ٻوڏ ۾ سنڌ کي سُڪائڻ ۽ سوڪ ۾ سنڌ کي ٻوڙڻ جا ‘معجزا’ ڪندا رهيا آهن، جيڪو ڪم بدانتظامي، پاڻيءَ جي غلط ريگيوليشن ۽ ڪرپشن جي ڪري ممڪن ٿيندو رهيو آهي، پر جڏهن مينهوڳيءَ جي مند اچي ٿي، وڏ- ڦڙو وسي ٿو، پلر جي پالوٽ ٿئي ٿي ته ان وقت حالت بنهه خراب ٿيڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن، جو آبپاشي کاتي جا عملدار، جيڪي عام حالتن ۾ به صورتحال کي ڪنٽرول نه ڪري سگهندا آهن، اهي پنهنجي نااهليءَ سان سنڌ کي ٻوڙي ڇڏيندا آهن. اهڙي ئي ڪارڪردگيءَ جي ڪري، ڪالهوڪي ‘پنهنجي اخبار’ ۾ رپورٽ ٿيل خبر عوام جي ڳڻتي وڌائي وئي آهي ته، سکر بيراج کان هيٺ رڪ لوپ بند ۾ کاڌ انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي، ۽ 5 لک ڪيوسڪ پاڻيءَ جي وهڪرن سان به بند ٽٽڻ جو خدشو ڏيکاريو پيو وڃي. ٻوڏ دوران بند ٽٽڻ جي صورت ۾ لاڙڪاڻو، قمبر- شهدادڪوٽ، دادو ۽ سيوهڻ سميت درياءَ جو ساڄو پاسو ٻڏڻ جو خطرو آهي. گذريل سال جي ٻوڏ ۾ لوپ بند تي دٻاءُ وڌيو، پاڻي لهڻ بعد کاڌ شروع ٿي.

بندن کي کاڌ رڳو پاڻي ئي ناهي ڪندو، آبپاشي عملدار به وڏي ‘کاڌ’ ڪندا آهن، جيڪا ‘کاڌ’ پاڻيءَ واري کاڌ کان وڌيڪ خطرناڪ هوندي آهي. بندن جي مرمت لاءِ بجيٽ ته هر سال رکي ويندي آهي، پر اها ‘پٿر هضم- لڪڙ هضم’ صفت راڪاسن جي ور چڙهي ويندي آهي ۽ بندن جي مرمت وارو ڪم ٿي نه سگهندو آهي، جي ٿيندو آهي ته صرف ڪاغذن ۾. جڏهن به بندن کي نقصان ٿيندو آهي، بند ٽٽندا آهن، بند ڪمزور ٿيندا آهن ته آبپاشي عملدار اهو چوندي ٻڌا ويندا آهن ته ڪُوئن ۽ سَهن جي ٻِرَ ٺاهڻ جي ڪري بند ڪمزور ٿي ويا. هونئن ته هن ڀيري موسميات کاتي ۽ آبپاشي کاتي وارا هم آواز ٿي اهو پيا چون ته هن سال سنڌ ۾ ڪنهن وڏي ٻوڏ جو امڪان نه آهي، پر ڳالهه وڏي ٻوڏ جي ڪانهي، ڳالهه ان نااهليءَ جي آهي، جنهن جي ڪري معمولي برساتن ۾ به سنڌ جي ٻڏڻ جو خطرو موجود رهي ٿو. هڪ پاسي دريا جي پيٽ ۾ ٻيٽ ٺهي ويا آهن، ٻيو ته واهن ۽ ڪئنالن جي حالت به بنهه خراب آهي، جو کاٽي نه ٿيڻ جي ڪري انهن جي پاڻي کڻڻ جي گنجائش بنهه گهٽجي وئي آهي، اهڙي صورتحال ۾ امڪاني خطري کي ڪيئن نظرانداز ڪري سگهجي ٿو؟ جڏهن 5 لک ڪيوسڪ پاڻيءَ سان به رڪ لوپ بند ٽٽڻ جو خدشو موجود هجي ته، سنڌ ۾ ٻين بندن جي حالت ڪهڙي هوندي، اهو سمجهڻ مشڪل نه آهي. نموني جي ‘مُٺ’ مان خرار جي پرک ٿيندي آهي. سنڌ ۾ بندن جي بدترين صورتحال سمجهائڻ لاءِ رڪ لوپ بند جو مثال ئي ڪافي آهي. رڪ لوپ بند ٽٽڻ سان لاڙڪاڻو، قمبر- شهدادڪوٽ، دادو، سيوهڻ ۽ ٻين شهرن سميت درياءَ جو ساڄو پاسو ٻڏڻ جو خطرو آهي. اڳي به آبپاشي کاتي جي عملدارن جي نااهلي ۽ موسميات کاتي جي غلط اندازن جي ڪري بلوچستان مان آيل برساتي پاڻيءَ ڪي اين شاهه شهر سميت ڪيترائي علائقا ٻوڙي ڇڏيا.

سمورن کاتي جي مجموعي ڪارڪردگي گورننس جو پروفائل جوڙيندي آهي. جڏهن آبپاشي جهڙي اهم کاتي جي ڪارڪردگي اهڙي هجي ته ٻين کاتن جي ڇا حالت هوندي، اهو سمجهڻ مشڪل نه آهي ۽ سرڪاري کاتن جي اهڙي ڪارڪردگيءَ سان گورننس جو ڪهڙو پروفائل جڙي ٿو، ان لاءِ ڇا چئجي! اُڀ اکين پيو ڏسجي. سنڌ ۾ سرڪاري کاتن جي مانيٽرنگ ۽ ڪارڪردگي رپورٽ جو ڪو سسٽم نه آهي، جو سنڌ جو انتظامي سربراهه اها رپورٽ ٽه ماهي بنياد تي طلب ڪري. اسان سنڌ ۾ دريائي بندن جي ابتر صورتحال جي حوالي سان پنهنجي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪريون ٿا. اسان اها گهر ڪرڻ ۾ حقي واجبي آهيون ته سنڌ کي آبپاشي عملدارن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏڻ بدران اڻ ڌرين آبپاشي ماهرن ۽ انجنيئرن تي ٻڌل ڪا ٽيم جوڙي سنڌ ۾ دريائي بندن، توڙي واهن ۽ ڪئنالن جي صورتحال جو پتو لڳايو وڃي. هونئن به سنڌ سرڪار وٽ مختلف مامرن ۾ “ٽئين ڌر” جي اهميت وڌيڪ آهي، هڪ اڀياس اهو به سهي!