ديا ڀيل قتل ڪيس: جوابدارن جي ضمانت منظور: آزاد ڪرڻ جو حڪم

0
251

سنجهورو (ن پ ا) ديا ڀيل قتل ڪيس ۾ ماڊل ٽرائل ڪورٽ جي جج گرفتار جوابدارن جي هڪ هڪ لک عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي

 سنجهوري جي  ديا ڀيل جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي سانگهڙ جي ماڊل ڪورٽ ۾ ٿي، جوابدارن جي ڊي اين اي رپورٽ ۾ ڪابه ثابتي نه ملي جنهن تي دليلن بعد ماڊل ٽرائل ڪورٽ جي جج ديا ڪيس ۾ گرفتار ديا ڀيل جي ڀاءُ ڏيارام عرف ڏهراج ڀيل ۽ سندس ڏير جي پٽ ساجن ڀيل جي ضمانت منظور ڪري ورتي آھي

ڏيارام عرف ڏهراج ۽ ساجن ڀيل جي حوالي سان سندن وارثن احتجاج به ڪيو هو ته قتل به اسانجو ٿيو آھي ۽ ڪيس ۾ ڦاسايو به اسانجي نوجوانن کي ويو آھي

ڪورٽ مان ضمانت ملڻ تي ديا ڀيل جي والدين سميت سندس گهروارن ۽ ويڙھي ۾ خوشي جي لهر ڇانيل آھي

هي به پڙهندا

ديا ڀيل قتل ڪيس: مقتوله ۽ جوابدارن جا ڊي اين اي ميچ ٿيڻ واريون دعوائون غلط قرار!