ديا ڀيل قتل ڪيس: مقتوله ۽ جوابدارن جا ڊي اين اي ميچ ٿيڻ واريون دعوائون غلط قرار!

0
408
ديا ڀيل قتل ڪيس
ديا ڀيل قتل ڪيس: مقتوله ۽ جوابدارن جا ڊي اين اي ميچ ٿيڻ واريون دعوائون غلط قرار!

سنجهورو ويجهو ديا ڀيل قتل ڪيس ۾ جاچ آفيسر جون مقتوله ۽ جوابدارن جا ڊي اين اي ميچ ٿيڻ واريون دعوائون غلط ثابت ٿيون

اسپيشل جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم 4 جوابدارن ۽ مقتوله ديا جي مائٽن سميت 67 ڳوٺاڻن جي رت جا سيمپل ورتا هئا

مقتوله جي وارن، نَنهَنِ ۽ جسم جي ٻين حصن تان رت جا ورتل ڊي اين اي جزا ڪنهن سان به ميچ نه ٿي سگهيا

 ٽائيم نيوز ديا ڀيل جي ڊي اين اي رپورٽ هٿ ڪري ورتي، ڊي اين اي رپورٽ پوليس جي سموري جاچ تي سوال اٿاري ڇڏيا

ديا ڀيل جي قتل ۾ سندس ڀاءُ ۽ هڪ ڀوپي سميت 4 جوابدار گرفتار ٿيل آهن

 پوليس جي شروعاتي جاچ موجب پڇاڳاڇا دوران ڀوپي ديا کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو هو