رپڙي (ن پ ا) رپڙي جي ڪچي ۾ رپڙي کان گلوسيال، لعل ڪنڀر کان نوراجا ،لعل ڪنڀر کان پيارو ناريجو، سميت سمورا لنڪ روڊ ۽ پلون جن کي 2010 جي مھا ٻوڏ ۽ 2015 واري وڏي ٻوڏ اجاڙي تباھ ڪري ڇڏيو چونڊيل نمائندن جي بي ڌياني ۽ لاپرواهي جي ڪري 15 سالن کان مرمت نه ٿيڻ سبب روڊ مڪمل طور تي تباھ ٿي ويا آهن، روزانو ھزارين ماڻھو اذيتون پسي رھيا آھن، جڏھن ته عوام مڪمل طور تي سفري سھولتن کان محروم بڻيل آهي، ٽرانسپورٽ نه ھئڻ برابر آهي، جيڪي پڻ عوام کان ٽيڻ تي مھانگا ڀاڙا وصول ڪري رھيا آھن،ان ڏس ۾ علائقي جي سماجي اڳواڻن عبدالمجيد خواجا، محمد مٺل ڪلھوڙو، نياز علي ناريجو ۽ ٻين سنڌ حڪومت کان پرزور مطالبو ڪندي چيو آهي ته جلد مٿي ذڪر ڪيل روڊن جي نئين سر تعمير ڪرائي سفري سھولتون مھيا ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.