سنجرچانگ (ن پ ا) سنجرچانگ ٽائون ڪاميٽي انتظاميا جي لاپرواهي سبب شهر ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن، ان حوالي سان شهرين علي محمد پنهور، ممتاز علي پنهور، طالب سمون، وڪرم ميگھواڙ، عزيز خاصخيلي ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ٽائون ڪميٽي ڪامورن حوالي ٿيڻ بعد کنڊر بڻجي وئي آھي، م ڪڇي پاڙي، نارائي پاڙي، ميگھواڙ پاڙي، پنجابي پاڙي ۽ ماڇي پاڙي جي ڪيتري ئي عرصي کان مين رستي جي نالي ٽٽل آهي، جنهن سبب گندو پاڻي گهٽين ۾ بيٺل آهي، شڪايتن باوجود ازالو نه ٿيو ڪيو وڃي، شهر ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي شهر ۾ صفائي ڪرائي وڃي.