سجاول (رپورٽر) سپريم ڪورٽ ۽ سکر هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ٻيلي کاتي سجاول پاران هيڏراڻي ٻيلي ۾ 100 ايڪڙ سرڪاري زمين تان قبضا ختم ڪرايا ويا. ڊي ايف او سجاول جي نگرانيءَ ۾ ٽريڪٽرن ۽ ڪرين مشينن وسيلي ڪارروائي ڪندي غير قانوني طور پوکيل فصل ڀيلائي، مڇيءَ جا تلاءَ، اوطاقون ۽ ٻيون اڏاوتون ڊاھي پٽ ڪيون ويون. ٻيلي کاتي جي دعويٰ مظابق هيڏراڻي ٻيلي ۾ قبضي مافيا کان 100 ايڪڙ سرڪاري زمين خالي ڪرائي وئي. ڊي ايف او مدد علي شاھ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته قبضاگير ڪيترا به بااثر ڇو نه هجن پر سرڪاري زمين خالي ڪرائي ٻيلن ۾ ماحول دوست وڻ پوکيا ويندا.