رومال ۾ ڳالهه … خدو ختم شُد جو سياسي سفر

0
31
رومال ۾ ڳالهه ... خدو ختم شُد جو سياسي سفر

خدو ختم شُد جو ڇٺيءَ جو نالو خدابخش هو پر پاڻ سنڌي ماڻهو جيئن ته محبت جي معاملي ۾ زماني کان مختلف مزاج ٿا رکون. جيڪڏهن ڪو پاڻ سان پيار ڪري، تنهن جي به ڦِٽي ته جنهن سان پاڻ کي پيار ٿي پوي، ان جي به تباهي! خدو ختم شُد به خميسي خان، پيرن تي ٽالها وجهي مسين مسين وڃي ورتو هو. سو کيس ڏاڍو پيارو هو. بس پوءِ اسان جو يار خدابخش به پيار جي فرسٽ فارم ۾ خدابخش، سيڪنڊ فارم ۾ خُدن ۽ ٿرڊ فارم ۾ خُدو بڻجي پيو. خميسو خان مزدور ماڻهو هو پر پنهنجي پٽ کي پڙهڻ لاءِ ڇڏيائين. چاهيائين ته پڙهي لکي آفيسر ٿئي. سپوٽ پُٽ خدو به پنهنجي پيءُ جي خيال کي پاڻي ڏيڻ لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪري پڙهائي ڪئي. وڏي محنت سان ڪميشن ۾ ويٺو پر ‘ڪميشن’ نه هجڻ ڪري پاس ٿي نه سگهيو. بس انهيءَ ڌڪ کيس مايوس ڪري ڇڏيو ۽ هن شاعري شروع ڪندي پنهنجي نالي سان ‘ختم شد’ جو تخلص لڳائي ڇڏيو.

                 خدو ختم شُد شاعري سان گڏ ڌنڌي ڌاڙي جي به گهڻي تلاش ڪئي پر پير ڪٿي کُپڻ جي ئي نه پيو ڪريس. نيٺ هڪڙي ڏينهن آئون کيس جمعي جوڳي وٽ ڍاري لاءِ وٺي ويس. جمعي جوڳي ڍارو هڻي کيس صلاح ڏني ته جيڪڏهن خدو ختم شُد ثابت قدمي سان سياست ڪري ته پنهنجي ملڪ ۾ اهڙو ڪو ٻيو ڌنڌو آهي ئي ڪينَ. بس پوءِ ان ڏينهن خدو ختم شُد طئه ڪري ڇڏيو ته هُو اٽل ارادي سان سياست ۾ پير ڄمائيندو. جمعي جوڳي کان موڪلائي آئون ته سڌو گهر هليو آيس پر خُدو ختم شُد دٻڙ دؤنس پارٽي جو ڪارڪن ٿي ويو.

دٻڙ دؤنس پارٽي ۾ ڪم گهڻو هو ۽ ماڻهو ٿورا، پر تنهن هوندي به خُدو ختم شُد مايوس نه ٿيو ۽ هُن جمعي جوڳي جي ڳالهه کي ڳنڍ ڏيندي ثابت قدمي سان پنهنجي سياست جاري رکي. هلندي هلندي جڏهن چونڊون آيون ۽ دٻڙ دؤنس پارٽي وارن کي گهر وارن به ووٽ ڪونه ڏنا، تڏهن پارٽي جا جام سارا ڪارڪن دٻڙ دؤنس کي ڇڏي گپا گيهه ۾ شامل ٿي ويا. خدو ختم شُد جڏهن اها ڳالهه مون سان ڳَرِي ته مون کي حيراني ٿي، مون چيو، “يار اهو وري ڪيئن؟“ ان تي چيائين، “يار، اتي توڙي جو ڪم ٿورو ۽ ماڻهو گهڻا آهن پر چون ٿا ته، گپا گيهه وارن جون پنج ئي آڱريون گيهه ۾ رهنديون آهن. “

هن جو اها ڳالهه ڪئي ته پوءِ مون به کيس سمجهائيندي چيو، “دٻڙ دؤنس مان ڪجهه به ناهي ورڻو، توکي به بنا دير جي گپا گيهه ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏڻ گهرجي!” سندس ارادو پختو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ چيم، “جمعي جوڳي واري ثابت قدمي به توکي اتي ئي ڪم اچڻ امڪان آهن.“ منهنجو اهو سمجهائڻ پهرين ته کيس ڏاڍو خراب لڳو پر پوءِ حالات جي حقيقت کي سامهون رکندي سوچيائين ته مون کي ساڻ ڪرڻ کان سواءِ ئي گپا گيهه ۾ وڃي شامل ٿيو.

خدو ختم شُد پنهنجي سياست جي شروعات دٻڙ دؤنس پارٽي کان ڪئي هئي پر هاڻي گپا گيهه ۾ اچڻ سان هن کي ٻنهي پارٽين ۾ رات ڏينهن جو فرق نظر آيو. دٻڙ دؤنس پارٽي ۾ بنيادي حيثيت ڪارڪن کي هوندي هئي، جڏهن ته گپا گيهه پارٽي ۾ ڪارڪن جي بدران اڳواڻن کي اهميت حاصل هئي. هتي اچڻ شرط خدو ختم شُد کي هدايت ڪئي وئي ته، هُو پاڻ کي ڪارڪن نه پر ادنـﻰ ڪارڪن تصور ڪري. گپا گيهه جا سمورا ڪارڪن پاڻ کي پارٽي جو ادنـﻰ ڪارڪن سڏائيندا هئا. اهڙي ريت منهنجي يار خدو ختم شُد جو سياسي سفر ڪارڪن کان ادنـﻰ ڪارڪن تائين وڃي پهتو. هاڻي هُو جنهن سان ڪنهن سان پنهنجو تعارف گپا گيهه پارٽي جي ادنـﻰ ڪارڪن طور ئي ڪرائيندو هو. گپا گيهه پارٽي ۾ هُن وڏي محنت ڪئي. هُو پارٽي جي حق ۾ سُٺي سُٺي شاعري به ڪرڻ لڳو ته پنهنجي اڳواڻن کي ۽ ٻين نه ڳالهائي سگهڻ وارن کي تقريرون به لکي ڏيڻ لڳو. هن جيڪي نعرا ٺاهيا، تن ڏاڍي مقبوليت ماڻي، جيئن ‘پيهان پيهه، گپا گيهه!’، ‘ريهان ريهه، گپا گيهه!’، ‘راتو ڏينهن، گپا گيهه!’ يا ‘پنج ڏهه، ويهه ٽيهه، گپا گيهه، گپا گيهه!’ وغيره. پر افسوس جو هڪ وڏي عرصي تائين گپا گيهه پارٽي ۾ ثابت قدمي سان سياست ڪرڻ جي باوجود به خُدو ختم شُد کي ڪو کڙ تيل حاصل ٿي نه سگهيو. رهندو ادنـﻰ ڪارڪن سڏائي سڏائي کيس شدت سان اهو احساس ٿيڻ لڳو ته هُو واقعي به ادنـﻰ ئي آهي! نه رڳو ايترو پر کيس اهو به محسوس ٿيڻ لڳو ته گپا گيهه پارٽي ۾ اڪثريت ادنـﻰ ڪارڪنن جي ئي آهي. اهي سڀ ادنـﻰ آهن. خير، نيٺ خُدو ختم شُد هڪڙي ڏينهن مون کي اچي هڪ حيران ڪندڙ احوال اوريو. چيائين، “يار هنداڻا! گپا گيهه ۾ ادنـﻰ ڪارڪنن کي ڪجهه حاصل ڪينهي! اهي ته ويچارا سڀ ادنـﻰ ئي آهن”. مون چيو، “تو جو اڳ چيو هو ته گپا گيهه وارن جون پنج ئي آڱريون گيهه ۾ رهنديون آهن؟“ ان تي هُن چيو، ”ادا هنداڻا! اهي، جن جون پنج ئي آڱريون گيهه ۾ آهن، سي ادنـﻰ نه بدنا ڪارڪن آهن.“

”بدنا ڪارڪن؟” مون کي حيراني ٿي.

ان تي خُدو ختم شُد واڇ ٽيڙي واضح ڪندي وراڻيو، “ادا بدنا ڪارڪن، جيڪي گپا گيهه ۾ رڳو گيهه جي لالچ رکندا آهن. ايتري قدر جو اهي گيهه خاطر گپا گيهه کي ڇڏي به ڏيندا ۽ وري ڪنهن اهڙي پارٽي ۾ شامل ٿيندا آهن، جنهن مان گيهه حاصل ٿئي!” هن چيو، “منهنجي ڳالهه سمجهي وئين نه هنداڻا…! “

آئون سندس ڳالهه سمجهي ويس. هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيم ۽ يار کي صلاح ڏنم ته، هُو به ادنـﻰ ڪارڪنن مان جند ڇڏائي ۽ همٿ ڪري بدنا ڪارڪن جوائن ڪري.

اهي اليڪشن جا به ڏينهن هئا ۽ خُدو ختم شُد وٽ بدنا ڪارڪن جوائن ڪرڻ جو سنهري موقعو به هو، سو هُو بنا دير جي بدنا ڪارڪنن ۾ شامل ٿي ويو. وقت ثابت ڪيو ته خُدو ختم شُد جو اهو فيصلو بلڪل درست هو. ڏسندي ئي ڏسندي خُدو ختم شُد جي زندگي جي نئين شُروعات ٿي وئي. هن جي بک بدحالي ختم ٿي وئي. ناسون ڦُونڊارجي ۽ پيٽ ٻاهر نڪري آيس. جمعي جوڳي جي فال سچي ٿي. منهنجي صلاح کيس ڪم اچي وئي. هاڻي خُدو ختم شُد کي آئون رڳو ٽي وي جي ٽاڪ شوز ۾ ئي ڏسي سگهندو هئس. خُدو ختم شُد هاڻي مون کي به وساري چڪو هو. مون کي مٿس ڏاڍي ڪاوڙ ٿي پئي هئي. مون کيس ڪيترائي ڀيرا ڪالون ڪيون، ميسج ڇڏيا پر همراهه وٽان ڪا ورندي ئي ڪانه آئي. نيٺ مون به آسرو پلي سندس خيال ئي دل مان ڪڍي ڇڏيو. پر خدا جو ڪرڻ اهو ٿيو جو هڪڙي ڏينهن خُدو ختم شُد مون کي پاڻ کي ڪال ڪئي. مون کي حيراني ٿي. ڪاوڙ به هئم، دل چاهيو ته ڳالهايان ئي نه پر وري به ننڍي هوندي جو لانگوٽيو يار هو، سو دل هُچي پئي ۽ ڪال کنيم. جام ڪچهري ڪيائين. مون کان معافي وٺي مون کي پرچايائين به سهي. مون کيس ميار ڏيندي چيو، “ياد ڪر خُدو! توکي بدنا ڪارڪن جوائن ڪرڻ جي صلاح به مون ئي ته ڏني هئي!” ان تي هُن هائوڪار ته ڪئي پر اضافي اهو به واضح ڪيائين ته، “ادا هنداڻا! آئون اوندهه ۾ رهجي ويس. اصل ۾ هتي جن کي بدنا ڪارڪن چيو ٿو وڃي، سي بدنا نه پر بدنام ڪارڪن هوندا اٿئي!”

سندس واتان اهو ٻُڌڻ کان پوءِ مون کي ائين لڳو ڄڻ خُدو ختم شُد منجهان خُدو هميشه جي لاءِ ڪٽجي چڪو.