اليڪشن: ويساه گهاتين جا وجود ۽ خوابن جي دنيا

0
30
اليڪشن: ويساه گهاتين جا وجود ۽ خوابن جي دنيا

 هو هاڻي وري به مُهين جي دڙي جهڙي ازلي ماٺار مان پڙاڏو بڻجي ڳوٺن ۽ شھرن جي رستن تي ڊوڙ ۾ آھن, هن وقت انهن جي ڊوڙ اقتدار جي خوابن جي ساڀيان خاطر آھي. هو ماڻھو واقعي ئي ڏاڍا تکا آھن. هو اٽڪلن سان اقتدار جون ڏاڪڻيون اورانگهي وڏي منصب تي پهچي ٿا وڃن ۽ زندگي جا مزا ماڻين ٿا. جڏھن ته پورهيت ماڻھن لاءِ اها ساڳي دکي زندگي هوندي آهي.

                 هن وقت ڀوتارن جي وڏين گاڏين جو شور، موڪلائيندڙ اتر رت جي بي چين هوائن سان آخري ڀيرو ٽڪرائي رهيو آھي. جڏھن ڪجھ ڏينهن پڄاڻان بهار اچي چڪو هوندو، اليڪش به ٿي چڪي هوندي ۽ ھنن ماڻھن مان  ڪيترائي ماڻھو هن عارضي دنيا جي بهشت جهڙي ايوانن ۾ پهچي چڪا هوندا ۽ ڪي ڀوتار هن اليڪشن ۾ هارائي چڪا هوندا ۽ هارايل ڀوتار وڃايل رانديڪن کي ڳولهيندڙ  ٻارن جيان رهجي ويندا. هن وقت  اليڪشن دوران رستن تي ڊوڙندڙ گاڏين جي شور ۾ نه فقط پوئين رات ويل سنسان رهندڙ رستا ڇرڪجي وڃن ٿا، پر اٻوجھ عوام ۽ جانور به ڇرڪجي ٿا وڃن. ايتريون گاڏيون، نعرن جي گونج ۽ ننڊ ڦٽل.

ڳالھ اها ناهي ته اليڪشن ۾ ووٽ وٺڻ کان پهرين ماڻھن سان ڪهڙا واعدا ڪيا وڃن ٿا, ڳالھ اها آھي ته ڪيل واعدن کي ڪيترو نباهيو وڃي ٿو. هتان جي لکين پورهيت ماڻھن سان ڪيل واعدن تان جڏھن حڪومتي وزير، صلاحڪار ۽ ميمبر ڦري ويندا آھن ته هي پورهيت ماڻھو رڻ ۾ اڃايل ڪونجن جيان رهجي ويندا آھن ۽ سندن مسئلن جي حل لاءِ وزيرن ۽ صلاحڪارن جي درن جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويندا آھن، جتي به سندن تڪڙو تدارڪ نه ٿيندو آھي.

هو جو ڪن پيا سڏ، اڄ تتل ڏينهن جو،

وڃي تن سان گڏ، ڪير ٿو سڏ ورنائي.

پورهيت ماڻھو هڪ دور جو آواز ۽ خاموش جنگ جا اهي گمنام سپاهي هوندا آھن، جيڪي جيستائين زنده آھن، تيستائين اونداهين سان اٽڪندا رهندا آھن، ۽ جڏھن گذاري ويندا آھن ته سندن قبر تي ڪو ڪتبو به نه لڳندو آھي، ۽ نه ئي سندن ياد ۾ ڪو ڏينهن ملهايو ويندو آھي. هو خواب ڏسي ڏسي اکين جي بينائي وڃائي وهندا آھن ۽ دنيا مان موڪلائي هليا ويندا آھن. چونڊيل نمائندا کين نسل در نسل آسرن ۾ پيا رهائيندا آھن ۽ هر دفعي وٽانئن ووٽ پيا وٺندا آھن.

افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي سماج جا پيمانا ڪيئن نه بدلبا رهيا آھن! هتي فقط ميرن، پيرن ۽ وچولي طبقي جي ماڻھن جي ڳالهه هلندي آھي ۽ حڪومتي فائدا به انهن کي ئي نصيب ٿيندا آھن. جڏھن ته پورهيت ۽ ھاري ناري ماڻھو عمر ساري ڄڻ ته اقتداري ماڻھن جي غلامي ۾ پيا گذاريندا آھن. هو ان غلامي جو طوق ڪنڌ مان ڪڍائڻ چاهيندا به آھن پر  ڪڍائي نه سگهندا آھن. هو غلامي جو طوق ڪڍائڻ جي جيتري ڪوشش ڪندا آھن، اوترو ئي ان ۾ ڦاسندا ويندا آھن.طبقاتي سماج  انڌو آھي، هو اهو نه ڏسندو آھي ته هي ماڻھو سماج جي اها بي هٿيار فوج  آھي، جيڪا انساني بک کي ختم ڪرڻ لاءِ رات ڏينهن محنت ڪندي آھي ۽  سماجي مايوسين  ۾ به خوشيون ۽ روشني ڦھلائيندي آھي.

هو ئي جوت جلا، ھو ئي سڏ سونهن جو،

ماڻھو اڪ ڦلا، سڳنڌ جنين ساهه ۾.

هو پورهيت ماڻھو جيڪي صدين جي سفر کانپوءِ به اسان جي معاشري ۾ ڪو خاص مقام ماڻي نه سگهيا آھن، ان جو ڪارڻ  اسان جي بدقسمتي ۽ بيحسي ئي آھي، ان جا ذميدار اقتداري ۽ اسان سڀ ماڻھو آھيون.پورهيت ۽ ھاري ناري جيڪي هن سماجي جهنگ ۾، تترن جيان هوندا آھن. تتر جڏھن ڄانڀي ڦلڙين جي ٽڙڻ دوران ٻوليندا آھن، ته اڌ سرد رات جا سمورا پل سون ساريکا ٿي پوندا آھن. جيتوڻيڪ هن وقت اسان جي پورهيت طبقي جي ماڻھن جو اهو قدر جنهن جا هو حقدار آھن، ناهي ٿيو. هو ته صدين کان بيقدرين جو سفر طئي ڪندا رهيا آھن. اها ٻي ڳالھ آھي ته اسان وٽ علم ۽ حلم  جي کوٽ ضرور آھي، پر انهن جي علم جو بندوبست به حڪومت جي ذميداري آھي.

انگريزن جي دور حڪومت ۾ بهتر تعليمي پاليسين ۽ نصاب سبب تعليم جي موچاري ترقي ٿي. اها ٻي ڳالھ آھي ته ان وقت تعليم عام نه هئي. شهرن ۾ ورلي اسڪول هوندا هئا، جتي تعليم ڏني ويندي هئي. ورهاڱي کان پوءِ آھستي آھستي اسڪول ٺھڻ  لڳا، پر پورهيت ماڻھن جي ٻارڙن جي تعليم جا رستا اڳي جيان بند ئي رهيا. منهنجي خيال ۾ ان جو بنيادي ڪارڻ  چونڊيل نمائندن ۽ حڪومت جي عدم دلچسبي ۽ معاشري ۾ پروان چڙھندڙ وڏيرڪي سوچ ئي هئي.پورهيت  ماڻھو  تاريخ جا اهي گمنام سپاهي آھن، جيڪي مورچي تي بيهي توپون ته ڪونه ٿا هلائين، پر توپون هلائڻ کان وڌيڪ ڪم ڪن ٿا. هو صدين کان ان مورچي تي موجود آھن، جنهن مورچي تان بيهي زندگي جي ويڙھ وڙھي ويندي آھي. جنهن مورچي جي جنگ ڪڏھن به ختم ناهي ٿيندي. هو سماج جي مورچن تي  ترقي جو جهنڊو اوچو ڪندڙ اهي ڪردار هوندا آھن، جن جو اندر ته بک ۽ ڏک سان ڀريل ڀريل هوندو آهي پر هو جڳ کي روشنين سان جرڪائيندا آھن. عجيب اتفاق اهو آھي ته پورهيت طبقو بک ۽ ڏک تي رهي به ٻين جي سک جو سامان مهيا ڪندو آھي. سماج ۾ پورهيتن سان جڏھن نا انصافيون وڌي وينديون آھن ته ھو رڃ مان ايندڙ رڙ جيان بڻجي پوندا آھن، جيڪا رڙ، ستل ڪائنات  ۾ ٿرٿلو وجهي ڇڏيندي آھي، جيئن پهرين مئي1886ع تي شڪاگو ۾ واقعو پيش آيو هو، جنهن ۾ مزدورن جي مظاهري سان ساري دنيا ۾ ھڪ زوردار تحريڪ جنم ورتو هو. ان تاريخ تي  مزدورن گهڻو ڪم وٺڻ ۽ گهٽ اجرت ڏيڻ خلاف مظاهرو ڪيو هو ۽ پوليس مٿن گوليون هلايون، جنهن جي نتيجي ۾ وڏي تعداد ۾ مزدور ماريا ويا ۽ زخمي ٿيا. مزدورن پنهنجي مارجي ويل ساٿين جي رت مان ڪپڙو رڱي جهنڊو ٺاهي احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي. اڳتي هلي اهو ڳاڙھو جهنڊو ساري دنيا جي مزدورن جي جدوجهد جي علامت بڻيو. ان وقت ٻي عالمي جنگ لڳڻ ڪري دنيا ۾ بک ۽ بيروزگاري وڌي ويئي هئي ۽ اقتصادي بدحالي عروج تي پهچي چڪي هئي. سرمائيداري نظام جا ظلم وڌڻ ڪري پورهيتن جي جدوجهد کي هٿي ملي ۽ منجهن ظلم جو احساس وڌڻ لڳو، جنهن ڪري مزدور اتحاد مضبوط ٿيڻ لڳو. اڳتي هلي مزدور اتحاد کي ڪميونسٽ پارٽي جي حمايت حاصل ٿي ۽ پورهيتن جي عالمي تنظيم جو قيام وجود ۾ آيو.

هن وقت به پورهيتن سان سرمائيدار ۽ جاگيردار طبقي جو ساڳيو ورتاءُ آھي. هو اڄ به سندن حقن جي حاصلات لاءِ احتجاج ۾ آھن پر سندن احتجاج انفرادي آھي. اڄ به هاري ۽ مزدور کي سندن ڪيل محنت جو پورو اجورو نٿو ملي، جنهن ڪري اهي ماڻھو ڏينهون ڏينهون معاشي طور ڪمزور ٿيندا پيا وڃن. هاري ۽ مزدور گيت جي ان ردم  جيان آھن، جيڪو گيت جنگين جي ميدان تي ڳائي، توپن جي سامهون سينو ساهيندڙ سپاهين ۾ وڌيڪ جنون عشق جاڳايو ويندو هو. ھي ماڻھو ڪائنات جي وجود جا اهي ويراڳي آھن، جيڪي سماجي ترقي جا واڄٽ وڄائين ٿا.هاڻي جڏھن پاڪستان ۾ نئين اليڪشن ٿيڻ وڃي رهي آھي، اليڪشن کان پوءِ صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جا ڪامياب ٿيل ميمبر قسم کڻي ايوان پهچندا ۽ نئين حڪومت ٺهندي. سڀني ڪامياب ميمبرن کي ايوانن جون ڏاڪڻيون چڙھندي ۽ لهندي کين  اهي واعدا ياد رکڻ گهرجن، جيڪي هنن ووٽن وٺڻ مهل غريب ماڻھن سان ڪيا هئا، باقي ته وک وک تي ويساه گهاتيون اڳ ئي موجود آھن.