تحريڪ انصاف جي لاءِ ھوائن جو رخ تبديل ٿيندو؟

0
52
تحريڪ انصاف جي لاءِ ھوائن جو رخ تبديل ٿيندو؟

ھڪ طرف اقتدار جي لاءِ اقتدار جي ميوزيڪل چيئر (موسيقي واري ڪرسي)  جو ساز وڄي رھيو آھي، شھر شھر  ڪارنر گڏجاڻيون ۽ جلسا ٿي رھيا آھن، تہ ٻئي طرف ڪورٽ سڳورين جي طرفان پي ٽي آئي جي چيئرمين  جي خلاف فيصلا ٻڌايا پيا وڃن. 2017ع اپريل جي پوئين تاريخن ۾ جڏھن نواز شريف جي خلاف پاناما ڪيس جو  فيصلو ٻڌائيندي ھن کي اقتدار کان ڌار ڪيو ھو، تہ اقتدار جي ڪرسي تان لھندي ئي نواز شريف جي  مٿان ڪيسن ۽ فيصلن جو سلسلو شروع ٿي ويو ھو۔ مريم نواز، شھباز شريف، حمزا شھباز کان علاوه مسلم ليگ جي ھيٺين ليڊرشپ پڻ جيلن ڀيڙو ٿيندي ۽ ضمانتن تي ٻاھر ايندي رھي. مسلم ليگ نواز جي ترجمانن، توڙي وزيرن ۽ مشيرن جا بہ ڪورٽن ۾ چڪر ھئا، نواز شريف کي 7 سال وري 10 سال  قيد، توڙي تاحيات نااھلي جي سزا بنا ڪنھن اپيل جي ٻڌائي ويئي. پاناما ڪيس، جنھن ۾ ملڪ جي تقريبن 450 کان وڌيڪ ملڪي  طاقتور شخصيتن جا نالا ھئا پر ان وقت انصاف صرف چونڊ ڪجھ سياسي اڳواڻن ۽ نواز شريف جي لاءِ گھربل ھو. آئون عمران خان توڙي سندس پاليسين جو شروع کان وٺي نقاد رھيو آھيان ۽ پي ٽي آءِ جي ڌرڻن کان وٺي پي ٽي آءِ جي اقتدار ۾ اچڻ تائين جي سڀني معاملن تي ھميشہ کلي لکيو آھي. جھڙي ريت عمران خان يا ان جي خاندان کي تڪڙو انصاف ڏنو پيو وڃي، اھڙي ريت تہ پاڪستان جي تاريخ ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي خلاف بہ فيصلو نہ ڪيو ويو ھو. ذوالفقار علي ڀُٽي جو ٽرائيل 7 مھينا ھليو ۽ عمران خان کي گذريل سال آگسٽ کان جيل ڀيڙو ڪيو ويو آھي، يعني ڇھن ميھنن جي اندر ئي خان جي خلاف  فيصلا اچڻ شروع ٿي ويا آھن. تحريڪ انصاف جي لاءِ جڏھن پليئنگ فيلڊ کي بلڪل خالي ڪرايو ويو ھو ۽ ھڪ ئي کيڏاري کي کلي کيڏڻ ڏنو ويو ھو تہ ان وقت جميعت  علماء اسلام، نواز ليگ توڙي پيپلز پارٽي  ملڪ ۾ ليول پليئنگ فيلڊ جي نہ ھجڻ جون ڳالھيون ڪندا ھئا. اڄ عمران خان جيل ۾ آھي، پارٽي تي جھڙوڪ پابندي آھي، ورڪ کان وٺي تحريڪ انصاف جا اميدوار جلسا جلوس نہ  ٿا ڪري سگھن.

عمران خان جنھن کي قومي اسيمبلي ۾ 2008ع کان پھرئين ناڪام سياستدان ۽ ناڪام سياسي جماعت جي اڳواڻ ھجڻ جو طعنو ڏنو ويندو ھو، تنھن پاڪستاني حاڪميت واري سياست ۾ پنھنجي جڳھ ٺاھڻ جي لاءِ سڀ کان پھرئين پرويز مشرف سان ھٿ ملايو ۽ آمر پرويز مشرف جي ريفرنڊم ۾ ھن ڀرپور حمايت ڪئي پر پرويز مشرف ۽ عمران خان جا لاڳاپا گھڻي وقت تائين درست نہ رھي سگھيا. مشرف جي زباني تہ 2003ع ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ عمران خان قومي اسيمبلي ۾ ھن کان  ھڪ سئو سيٽون گھريون ھيون، جنھن جي ڪري مون (مشرف) ھن کي جواب ڏنو. ميثاق جمھوريت ٿيڻ ۽ ان کان پوءِ محترما جي شھادت جھڙي سانحي ۽ “پاڪستان کپي” جي نعري کانپوءِ جڏھن اقتدار ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي آئي، جنھن جي لاءِ اڄ ڏينھن تائين اھو ابھام آھي تہ  بااثر ڌرين پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) ۾ معاھدو طئي ڪرايو ھو تہ پيپلز پارٽي جي حڪومت کانپوءِ مسلم ليگ (ن)  کي وفاق ۾ حڪومت ڏني ويندي، ڪنھن حد تائين اھي افواھون عملي طور تي درست پڻ ثابت ٿيون. پيپلز پارٽي جي حڪومت ايندي ئي عمران خان جي مزاحمتي سياست زور ورتو. لانگ مارچن ۽ ڌرڻن جي ابتدا بہ 2008ع کانپوءِ ڪنھن اھڙي سياسي جماعت جي طرفان ڪئي ويئي، جنھن جي وفاق ۾ ڪا ھڪ سيٽ به نہ ھئي، عمران خان، طاھرالقادري جي ڪلھي تي سوار ٿيو يا طاھرالقادري عمران خان جي ڪلھن تي، منھنجو خيال آھي ته ان سوال جو جواب پاڪستان جي سياست  ڏيئي چڪي آھي. ان وقت ملڪ جي ادارن ۾ عمران خان  جي فين فالوئنگ ايتري ٿي چڪي ھئي، جو ملڪي ادارن تي چڙھائي ھجي يا سول نافرماني جي تحريڪن جا اعلان ھجن، سڀ سڌو سنئون پوري عوام توڙي ملڪ کان ٻاهر ميڊيا کي ڏيکاريو ويندو ھو، عوام  کي اھو سمجھايو ويندو تہ  انقلابي عمران خان ملڪ جو حالتون تبديل ڪرڻ وارو آھي، پر پاڪستان جي سياست ۾ اھو سڀ نئون نہ ھو.

اڄ وقت تبديل ٿي چڪو آھي. اقتدار کان پھرئين، اقتدار واري خان ۽ اڄوڪي عمران خان ۾ وڏو فرق اچي چڪو آھي. ڪورٽون سڳوريون بہ تبديل ٿي چڪيون آھن. عمران خان جيل جي شيخن جي پويان آھي، سندس وڪيل ضمانتن مٿان ضمانتون وٺي رھيا آھن يا ڪيس وڙهي رھيا آھن تہ ڪن ڪيسن جا فيصلا پڻ اچي رھيا آھن. ڪورٽ سڳوري عمران خان ۽ شاھ محمود قريشي کي سائفر ڪيس ۾ ڏھ- ڏھ سال ۽ بشريٰ بيبي کي پنھنجي ور سميت چوڏھن- چوڏھن سالن تائين جي سزا ٻڌائي آھي. پي ٽي آءِ انھن ٻنھي فيصلن کي چيلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي. پي ٽي آءِ جا وڪيل ھر ممڪن ڪوشش ڪندا تہ عدالتن مان رليف ملي سگھي. يقينن عمران خان ۽ ھن جي جماعت ھڪ دفعو ٻيھر ثاقب نثار جي ڪيل فيصلن جي گونج عدالت اعليٰ مان ٻڌڻ جا خواھشمند تہ ضرور ھوندا پر  جيڪڏھن اھا گونج ٻڌڻ ۾ نہ ٿي اچي ۽ پي ٽي آءِ جي چيئرمين توڙي اڳواڻن جون  اھي سزائون معطل نہ ٿيون ٿين تہ ڪا وڏي ڳالھ ناھي. وري اھي ئي دروازا ڳوليا ويندا، جن مان پاڪستاني سياستدان ڪھڙي نہ ڪھڙي شرطن تحت فائدو حاصل ڪندا آھن.

پاڪستاني  سياست  توڙي قانون کي اڄ ڏينھن تائين ھوائن جي رخن تي ئي ھلندي ڏٺو ويو آھي. نواز شريف کي جڏھن اقتدار کان الڳ ڪري 7 سال ۽ 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ويئي ھئي، اڊيالا جيل جون ديوارون پنجاب جو ڊوميسائل رکندڙ ٽي دفعا وزيراعظم رھندڙ کي گھڻو وقت  قيد  ۾ نہ رکي سگھيون ھيون. سزائن جي عرصي جي شروعات سان ئي پليٽليٽس ڪرڻ لڳا، نواز شريف جي دل دوري سان گڏ قومي ٽيليويزن ۽  نجي چينلن تي اڳُوڻي وزيراعظم جي پليٽليٽس جي ھيٺ اچڻ ۽ مٿي ٿيڻ جو خبرون  بريڪنگ بيپ ڏيندي ھلنديون رھيون. نيٺ معاملا طئہ ٿيا. چند روپين جي ڏنل دستاويزي ضمانت تي نواز شريف ملڪ ڇڏي ھليو ويو.

اڄ 2024 آھي. حالتون تبديل ٿي چڪيون آھن، يعني ھوائن جو رخ تبديل ٿي ويو آھي ۽ ڪورٽن سڳورين جون ٻڌايل سزائون توڙي ضمانتن جا رستا ھمورا ڪيا ويا آھن. تا حيات نااھلي کان وٺي سالن جي سزائن وارا فيصلا ھڪ ھڪ ڪري ختم يا وري ڪي رستا ڪڍيا ويا آھن.

2013ع ۾ خيبر پختونخوا ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٺھندڙ حڪومت ۽ قومي اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جي فرينڊلي مخالف ڌر جي بينچن مان “سڀ صحيح آھي” واري خاموشي ۾ ايوان توڙي روڊن تي ھڪ آواز کي ئي ايترو بلند ڪيو ويو يا ڪرايو ويو ھو. انھيءَ لامحدود مليل اختيار ۽ لامحدود اظھار جي آزادي عمران خان کان 2008ع واري شائستگي توڙي تدبري واريون ڳالھيون  ڇڏرائي ڇڏيون. عوامي ميڙن عمران خان جون متيون ئي منجھائي ڇڏيون ھيون، بلڪل ائين جيئن ذوالفقار علي ڀٽو کي پڪ ھئي تہ عوام منھنجي لاءِ ٻاھر نڪري پوندو. مان نہ صرف ملڪ پر اسلامي ملڪن جي سربراھن ۾ پڻ چاھيو وڃان ٿو ۽ ھي مونکي قيد تہ ڪري سگھن ٿا پر تختهء دار تي نہ چاڙھيندا پر ڇا ٿيو، ڪنھن کان ڳجھو ڪونھي. پر عمران خان جو ڊوميسائل ڪنھن ننڍي صوبي جو ناھي، انڪري پاڪستاني حاڪميت  توڙي سياست جي  ھوائن جو رخ تبديل ٿيڻ اڻٽر آھي.

پاڪستان ۾ جھڙي ريت تاريخ پاڻ کي  ورجائيندي آھي. جيڪر حال ۾ ويھي مستقبل جي اڳڪٿي ڪرڻ ۾ ڪنھن قسم جي ڪا ھٻڪ نہ ٿي ٿئي تہ مستقبل ۾ ڇا ٿيڻ وارو آھي! ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي عمران خان تائين جيڪو ڪجھ سياستدانن سان ٿيندو آيو آھي، ان ۾ ڪردار تہ ضرور تبديل ٿيندا آھن پر اڌ صدي کان اسڪرپٽ ساڳيو ئي رھيو آھي، بس وقت سان ايترو ئي  فرق آيو تہ آھي تہ اسين بيلڪ ان وائيٽ دور کان نڪري اڄ  ايڇ ڊي جي عڪس بند ڪيل ناٽڪ ڏسي رھيا آھيون. ان ڪري ھن ايڇ ڊي دور ۾ جڏھن سڀ ڪجھ صاف شفاف ڏسڻ ۾ اچي ٿو، اتي اھا اڳڪٿي ڪندي مان پڻ ڪا ھٻڪ محسوس نہ ٿو ڪريان تہ ايندڙ ڪجھ عرصي  ۾ تحريڪ انصاف جي لاءِ ھوائن جو رخ تبديل ٿيندو.