ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان ڇوڪرين سان تصويرون نه ڪڍرائڻ جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو.  سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو انٽرويو وائرل ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ رضوان عورتن سان تصويرون نه ڪڍرائڻ جي حوالي سان ڳالهايو. انٽرويو ۾ رضوان جو چوڻ هو ته هو عورتن جي تمام گهڻي عزت ڪندو آهي، پاڻ کي اِن قابل ناهي سمجهندو ته ڪنهن ماءُ يا ڀيڻ سان تصوير ڪڍرائي. هن ٻڌايو ته سندس خواهش آهي ته ڪنهن جي دل نه ڏکئي، پر هو سدائين پاڻ کي محفوظ رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.