اشو آف دي ڊي ڪراچي يونيورسٽي جي داخلا پاليسي رد: سنڌ جي شاگردن لاءِ بورڊ بدران اوپن ميرٽ پاليسي هجڻ گهرجي: عوام

0
417
اشو آف دي ڊي ڪراچي يونيورسٽي جي داخلا پاليسي رد: سنڌ جي شاگردن لاءِ بورڊ بدران اوپن ميرٽ پاليسي هجڻ گهرجي: عوام

ڪراچي يونيورسٽي جي داخلا پاليسي تي سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي اهڙي پاليسي کي رد ڪيو ويو، ڪراچي يونيورسٽي جي داخلا پاليسي مٿان شديد تنقيد ڪئي وئي، سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي سڀ کان وڏي ڪراچي يونيورسٽي ۾ داخلا پاليسي منجھائيندڙ ۽ سنڌ جي مقامي ماڻھن جي رستا روڪ واري رکي وئي آھي جنھن ڪري ٻھراڙي وارن علائقن سان گڏ خود ڪراچي ۾گذريل ٻن ڏھاڪن کان آباد سنڌي به پنھنجا ٻار ڪراچي يونيورسٽي ۾ نٿا پڙھائي سگھن، بورڊ جي بنياد بدران سنڌ جي شاگردن لاءِ اوپن ميرٽ پاليسي ھجڻ گھرجي، ان سلسلي ۾ دودو چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته منهنجي ڌي ميران ٻائي ڪراچي ۾ ڄائي، انٽر ۾ 92.73 سيڪڙو مارڪون کنيون

، هن ميڊيڪل يا انجنيئرنگ يا ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سائنس فيڪلٽين نه پر ڪراچي يونيورسٽيءَ جي آرٽ فيڪلٽي ۾ سنڌ بيس اوپن ميريٽ ۾ داخلا لاءِ فارم ڀريو، جن شعبن ۾ ميران فارم ڀريو، ڪراچي يونيورسٽي انهن شعبن ۾ 46 سيڪڙو مارڪن وارن کي به داخلا ڏني، پر ميران کي داخلا نه ڏني، داخلا پاليسي ۾ پي، ڏاڏي جو ڪراچي ڊوميسائل ۽ صرف ڪراچي بورڊ داخلا پاليسي رکي وئي ،مون پوري زندگي ڪراچي کي ڏني، هاڻي پنهنجا ٻار ڪٿي وڃي پڙهايان، ڪراچي يونيورسٽيءَ جي داخلا پاليسي صرف يو پي سي پي فارمولو آهي ڪنهن در دانهن ڏجي؟ جنهن تي عرفان عالماڻي لکيو ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌ (ڪراچي کان سواءِ ٻين شهرن) جو ڊوميسائيل رکندڙ کي ريزروڊ سيٽون ڏنيون وڃن ٿيون جن تي به ٻين صوبن گلگت بلتستان وارن کي اهميت ملي ٿي 2009 کان ڪراچي يونيورسٽي KSP ڪيٽيگري متعارف ڪرائي آهي جنهن ۾ اول ترجيح ڪراچي، پوءِ سنڌ جا ٻيا ضلعا ۽ پاڪستان جا ٻيا صوبا رکيل آهن 2014 کان دانهون ڪوڪون ڪندا اچون پيا تعليم وارا وزير توڙي بورڊ ۽ يونيورسٽي جا وزير ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن هر سال ڪراچي يونيورسٽي جي داخلا ۾ سنڌين سان وڏي زيادتي ٿي رهي آهي وڏي ڪوششن بعد به ميڊيڪل انجنيئر ته ٺهيو پر آرٽس فيڪلٽي جي ننڍن شعبن ۾ به داخلا نٿي ڏني وڃي.

نوجوان داخلا تي ڪم ڪري شاگردن کي ٻڌائيندا رهندا آهن ته اوپن ميرٽ سان گڏ ريزروڊ سيٽن تي به فارم ڀريو. هن دفعي به ڪيترا ئي شاگرد دربدر آهن. پر ڪنهن در ڏجي دانهڙي؟  گلبدن جاويد مرزا لکيو ته اھڙين پاليسين جو خاتمو ٿيڻ گھرجي، سميرا قريشي لکيو ته ان مامري تي ڪجهه به ڪيو، اسان پنهنجي ٻارن لاءِ حق ڪيئن حاصل ڪري سگهنداسين، مخدوم شمس لکيو ته عدالت ۾ وڃڻ گهرجي، نثار ٻرڙو لکيو ته اھا ئي ته ڪراچيءَ جي وارثيءَ جي جنگ آهي. ان جنگ ۾ شڪست قبول نه ڪرڻ گهرجي. عطا ميمڻ لکيو ته عدالت جو در کڙڪايو، شفقت نوناري لکيو ته سنڌين سان وڏي ناانصافي پئي ٿئي جدوجهد ڪرڻ گهرجي، ماروي ڪلهوڙو لکيو ته اسان شاگرد گذريل چئن سالن کان رڙيون پيا ڪيون يونيورسٽي اندر احتجاج به ڪيا ته ڪي ايس پي پاليسي ختم ڪيو پر ڪنھن جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري. جمن ٻرڙو لکيو ته ميٽرڪ ڪراچي بورڊ ۽ انٽر حيدرآباد مان ٿيل هوندي شايد، وسيم نظاماڻي لکيو ته اها خراب پاليسي آهي، اختر ٻرڙو لکيو ته ڪراچي يونيورسٽي وارن جي پاليسي سبب اسان کي نظرانداز ڪيو ٿو وڃي، امير حسن لکيو ته ڪورٽ ۾ ان پاليسي خلاف پٽيشن داخل ڪريو، جويريه عبيد لکيو ته جڏهن آئون شاگرد هيس ساڳئي صورتحال کي منهن ڏنو هو، هادي ڀٽ لکيو ته سڄاڻ ڌرين کي اک پٽڻ گهرجي، عذره سلطان لکيو ته افسوسناڪ پاليسي آهي، احتجاج ڪرڻ گهرجي،

اوپن ميرٽ تي داخلا ٿيڻ گهرجي، سنڌ حڪومت کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، ڊاڪٽر صائمه واحد لکيو ته حيرت آھي، احتجاج ڪرڻ گهرجي، حسين مسرت لکيو ته قابل مذمت آهي. مايا ساگر اوڏ لکيو ته ڪراچي يونيورسٽي جي اهڙي پاليسي افسوسناڪ آهي. نسيم اختر جلباڻي لکيو ته عدالت وڃڻ گهرجي، ممتاز هنڱورجو به مذمت ڪئي، ذڪيه شاهنواز ٽالپر لکيو ته ان تي جدوجهد ڪرڻ گهرجي، نظير احمد لکيو ته سائين صرف سنڌي ھجڻ ڏوھ آھي باقي ڊوميسائل وغيره بھانو آهي، اسان ستن پيڙھين کان ڪراچي ۾رھون ٿا پر منھنجي پٽ کي سن 2012 ۾ ان وقت جي ڪنٽرولر اھو چئي داخلا کان منع ڪئي ته تون فلاڻي ذات جو آھين، مجبورن ھو 4 سال پرائيويٽ يونيورسٽي ۾ پڙھيو. فضل نظاماڻي به مذمت ڪئي ڀاون سنڌي لکيو ته ڊوميسائل جو فرق به ختم ٿيڻ گهرجي، وانا وزيرستان ۽ پنجاب جا شاگرد ڪراچي ۾ بنا روڪ ٽوڪ جتي چاهين پڙهن ٿا پر داخلائي صرف سنڌين لاءِ ناهن ڇو؟ شير بانو ڪاڪا لکيو ته اها سنڌي گهر گهر جي ڪهاڻي آهي، شيراز گل به عدالت وڃڻ جو مشورو ڏنو، روبينا شيخ به مذمت ڪئي، گل ميتلو لکيو ته سنڌ جي سمورين يونيورسٽين ۽ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ داخلائون سنڌ بيس اوپن ميرٽ تي ڏنيون وڃن. غفار ڀٽو لکيو ته منھنجي پٽ جي داخلا به ناھي ٿي،

جمن احمداڻي لکيو ته منهنجي ڌي اقصا به اوپن ميرٽ تي فارم جمع ڪرايو 94 سيڪڙو مارڪون آهن  پر ڪراچي يونيورسٽي ۾ داخلا نه ڏنائون. جلال جاني بجير لکيو ته آئون 3 سالن کان رڙيون پيو ڪريان، شيراز ۽ سارنگ سان به ساڳيو مسئلو هو، سنڌين لاءِ تعليم جا در بند آهن، فوزيه سيال لکيو ته هيءَ سنڌ جي نوجوانن کي ديوار سان لڳائڻ جي هڪ سوچيل سمجهيل سازش آهي. ارشاد شاهه لکيو ته سنڌ سرڪار جي نا اهلي آهي، عامر راڄپر لکيو ته قابل مذمت ۽ چڙ ڏياريندڙ داخلا پاليسي آهي همسفر گاڏهي لکيو ته ڪراچي يونيورسٽي جي تعصب تي ٻڌل پاليسي آهي، زاهد منگي لکيو ته هي سڄي سنڌ جي شاگردن جو مسئلو آهي. ڀرپور احتجاج ڪرڻ گهرجي. زاهد راڄپر، عربيه نور، ستارا علي، لطيف ملاح، چانڊيو مرتضيٰ به ردعمل ڏنو،

هارون گوپانگ لکيو ته هڪ سازش تحت ڪراچي ۾ سنڌ جي ٻين ضلعن جي شاگردن کي داخلا نه ٿي ڏني وڃي ڪلثوم بلوچ لکيو ته ان مامري تي آواز اٿارڻ گهرجي جدوجهد ڪرڻ گهرجي، هاشم کوسو به مذمت ڪئي، مشتاق نظاماڻي لکيو ته ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ داخلا لاءِ بھاري، برمي، بنگالي، افغاني، ڪشميري، گلگتي هجڻ لازمي آهي، حب علي ڪلهوڙو لکيو ته 18هين ترميم ڀلا رڳو ڪرپشن لاءِ آندي وئي آهي ڇا؟ شير گاڏهي لکيو ته سنڌ حڪومت جي نا اهلي آهي، شميم بشير لکيو ته اها بلڪل نا انصافي آهي، آواز اٿارڻ گهرجي، محمد بخش سومرو به ان پاليسي کي رد ڪيو، عبدالرحمان ٽالپر لکيو ته سنڌ حڪومت جي نااهلي جو نتيجو آهي، اياز امر شيخ لکيو ته سنڌين کانسواءِ ٻين کي داخلائون ملي رهيون آهن، همٿ علي چانڊيو لکيو ته اهو مسئلو عدالت ۾ کڻي وڃو،  باسط علي ٻگهيو لکيو ته قابل مذمت پاليسي آھي، مراد پندراڻي لکيو ته ڪراچي يونيورسٽي جي ان عمل جي سخت لفظن سان مذمت ڪيون ٿا. محمد علي جوکيو لکيو ته اهو وڏو ناحق آهي، سنڌو نواز گهانگهرو لکيو ته سنڌ سرڪار هر سنڌ دشمن پاليسي تي خاموش تماشائي بڻيل آهي، جنهن جي سزا ملي ٿي، رحمت الله  ماڃوٺي لکيو ته ڳوٺن مان اچي هميشه لاءِ ڪراچيءَ جا ٿيندڙ هاڻ ڪيڏانهن جا نه رهيا آهيون. نه موٽي ٿا سگهون نه هتي قبوليا ٿا وڃون، عائشه ڌاريجو لکيو ته ڪراچي يونيورسٽي جون عجيب پاليسيون آهن جو ڏيهي باشندا پنهنجن حقن کان محروم آهن، گلشن لغاري لکيو ته سخت مذمت ڪجي ٿي، رخسانه هاليپوٽو لکيو ته احتجاج جو سڏ ڏيو،

حنيف ڏيانگ لکيو ته ڌرتيءَ ڌڻين سان ناجائزي جي انتها آهي، ڪاشف علي آگهاڻي لکيو ٽيلنٽڊ ٻارن لاءِ تعليمي ادارن جا دروازا ڊوميسائيل کي بنياد بڻائي بند ڪرڻ نا انصافي آھي عرفان ابراهيم کوسو لکيو ته ڪراچي يونيورسٽي جي مذمت ڪجي ٿي، ڪنهن يونيورسٽي ۾ اهڙي پاليسي ناهي، ڪراچي يونيورسٽي جي پاليسي مطابق ڪراچي بورڊ جي شاگردن جي ايڊميشن ٿيندي آهي جنھن ۾ هي سڀ سيٽون مڪمل ڪري ڇڏيندا آهن. سنڌ جي ٻين بورڊن جي 90 سيڪڙو تي داخلا ناهي ٿيندي ۽ ڪراچي بورڊ وارن جي 45 سيڪڙو تي به ٿي ويندي آهي، شعيب علي،  نويد عباس ڪلهوڙو، غلام مرتضيٰ ڪيريو، شاهه قادر خان، وحيد جسڪاڻي، عبدالستار سومرو، اسد لغاري، صلاح الدين اويسي، حيدر ڀرڳڙي، شڪيل احمد ٽالپر، ارم پرويز، نياز نديم، شبير احمد، ابيهه عباسي، فقير ثنا گھنڃو، زبير سومرو، لال چند، مولابخش ٿيٻو، ڊاڪٽر سريش هوتچنداڻي، رفاقت جروار، خديجه ڪيڙانو، ڪي ايم ڪي چانديو، جويريه عبيد، سڪندر مگسي، نندلال شرما، مختيار علي چانڊيو، فقير محمد مڱريو، ڀورو رٻاڙي، استاد حاجن جوڳي، پريم پتافي، شڪيل نائچ، لال خان شر، انيل حب علي، عابده جمالي، فاضل رشيد چانديو، ذوالفقار هاليپوٽو، فيصل سومرو، شبانه ميمڻ، ونود ميگهواڙ، ڀڳوان داس ڀيل، شفيق احمد، حضور بخش منگي، گهنشام، طارق جکراڻي،جنيد سرور، ڪنول گل ميگهواڙ، زائر مهيسر، عقيل احمد، راجا درسرٺ ٿيٻو، ممتاز علي کٽي، غلام حسين چانڊيو، نظير احمد ڀنڀرو، آفتاب چانڊيو، محمد مريد، حبيب الرحمان ڀٽو، مجتبيٰ بلوچ، محمد عارف، محمد مٺل کوسو، حيدر ڪنڀر، درشن لال نانڪاڻي، ڪمال الدين کوسو، منصور لطيف، قربان علي بليدي، حبيب ساگر سهاڳ، پير آفتاب حسين، نيل ديو، عامر علي، آصف علي برفت، ساحل سڪندر، علي سميجو، هرچند ساگر، نياز لغاري، آصف علي جوکيو، اشفاق کوسو، محمد عمر لغاري، صالح کوسو، محمد ايوب، شڪيل ميمڻ، جيتمل سنگهه راجپوت، درشن سچديو، سيد مصطفيٰ شاهه، محمد عرس پالاري، حنيف ڪاڇيلو، عبداستار باقر، جسونت هميراڻي، ظفر چانڊيو، معذ رحمان، سيد علي لڪياري، سڪندر خان، لکمير پالاري، شفقت علي بجاراڻي، ايڊووڪيٽ صدام نهڙيو، عامر خان مگسي، گل حسن چانڊيو، خاوند بخش، سجاد علي مگسي، حامد مرتضيٰ، ارشاد علي، ممتاز علي راهمون، عبدالستار وسطڙو، انجنئير اظهر مصطفيٰ، سڪندر سومرو، حسن عباس، پيرل خان چانڊيو، وقار لغاري، انور ابراهيم، حمير چانڊيو، عبدالحميد سومرو، غلام الله بچاڻي، منور جروار، ڊاڪٽر علي نواز جت،  نور حسين، غلام مصطفيٰ مگسي، راشد علي ٿيٻو، جمن شاهه، موهن لال، دلاور حسين جوکيو، عبداللطيف راڌاڻي، گلزار علي مهر، مبين وساڻ، عاقل دل، خالد ڏاهري، راحيل ستار، جيون ڪمار، ڪفايت گل، سريش ڪمار، ملڪ محمد خان، راجا اسلم پالاري، جبارسمون، زيب کوسو، پرڪاش ميگهواڙ، محمد يوسف درس، ممتاز موسيپوٽو، عزيز جان ملاح، الهجڙيو نوحنائي، غلام علي، ڪمار پون، فاروق ميمڻ، خادم ابڙو، نديم خواجه، اعجاز سنجراڻي، رياض امر ٻجورو، واجد علي چانڊيو، عمران سنڌي، رزاق ميمڻ، جاويد ناهيون، تنوير چانڊيو، آغا خان، ذوالفقار شر، ڪانجي مل، اسد انڍڙ، ايوب شان، محمود چانڊيو، امين ارباب، مير صدام ٻلهڙو، اعجاز ابڙو سوڌو 500 کان وڌيڪ ماڻهن ان پوسٽ تي ڪراچي يونيورسٽي جي پاليسي خلاف ردعمل ڏنو جڏهن ته اهڙي پوسٽ کي 932 ڄڻن شيئر ڪيو.