سڊني (اسپورٽس نيوز) آسٽريلين حڪومت سربيا جي ٽينس اسٽار نواڪ جووڪووچ جي ويزا رد ڪري ڇڏي آهي. نواڪ ڪجهه ڏينهن اڳ آسٽريلين بارڊر فورس جي فيصلي خلاف قانوني جنگ کٽي هئي ۽ عدالت کيس آسٽريليا ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني هئي. حڪومتي وڪيل جو چوڻ هو ته راندين واري وزير کي اختيار حاصل آهن ته هو ڪواڪ جووڪووچ جي ويزا ٻيهر رد ڪري سگهي ٿو.  عدالت جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ائين ٿيو ته جوڪووچ کي 3 سالن تائين آسٽريليا ۾ داخلا جي اجازت نه ملندي. هاڻ اطلاع آهن ته آسٽريلين حڪومت ٽينس اسٽار جي ويزا رد ڪري ڇڏي آهي.