رتوديرو (ن پ ا ) رتيديري ۾ڳوٺ ڇڄڙا جي رهواسين شبير، وسيم، تصوير، بشير صحافين آڏو دانهيندي چيو ته مدئجي واسي پرويز ۽ منٺار پنهور حملو ڪري گھر ڀاتين کي تشدد جو نشانو بڻايو. هنن چيو ته جوابدار وياج خور آهن، انهن جا گلزار لاڙڪ نالي همراهه ڏانهن پئسا رهيل آهن، اسان جو ان سان واسطو ناهي. وياج خور گھر تي قبضو ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن، انصاف ڪيو وڃي.