ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي ڦاٽڪ کان سيشن ڪورٽ ڄامشورو تائين روڊ کي ڊبل ڪرڻ لاءِ ڪوٽڙي جي نوجوانن پاران مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي  اڳواڻن ستار لهر،  شهباز ميمڻ، علي احمد چانڊيو ۽ ٻين چيو ته  ڪوٽڙي سائيٽ ايريا جون هيوي گاڏيون گذرڻ سبب حادثا معمول بڻيل آهن. ڪوٽڙي ڦاٽڪ کان سيشن ڪورٽ ڄامشورو تائين نيشنل هاءِ وي جو روڊ خوني روڊ بڻجي چڪو آهي. هر روز حادثن سبب قيمتي جانيون ضايع ٿي رهيون آهن. روڊ کي ڊبل ڪري حادثن کي روڪي قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ کان بچايو وڃي.