پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل ۾ پيپلز پارٽي جي سينئر جيالي مجيب ڀٽو پارٽي جي مقامي قيادت خلاف احتجاج ڪندي چيو آهي ته سموري زندگي پارٽي قيادت جي سڏ تي لبيڪ چيو، ڪيترن ئي ڏينهن کان پٽن کي روزگار نه ملڻ تي سراپا احتجاج آهيان پر خورشيد شاهه ۽ اڪرام ڌاريجو نٿا ٻڌن. مون کي ۽ منهنجي خاندان کي هميشه نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. منهنجا پٽ بي روزگار آهن، مون پارٽيءَ کان ڪائونسلري ۽ چيئرمين شپ ناهي گهري، منهنجي نوجوان پٽن کي روزگار ڏنو وڃي.