ڦل (ن پ ا) ڦل شهر ۾ ساهتي ڪشميري ويلفيئر ايسوسيئيشن ۽ فلڊ رليف فنڊ گروپ طرفان برسات متاثرن لاءِ اسپتال ۾ هڪ ڏينهن جي ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي، ڪئمپ ۾ هزارين مريضن جي مفت چڪاس ڪري کين دوائون ڏنيون ويون، ڪئمپ ۾ ڊاڪٽر صفدر شيخ، اسامه خليل، سجاول مشوري، ڪرن ميمڻ، ممتاز ڪولاچي ۽ ٻين خدمتون سرانجام ڏنيون.