گهوٽڪي (رپورٽ: ماجد سنگهڙ) گهوٽڪي پوليس تي حملي ۽ 5 اهلڪارن جي شهادت ۾ ملوث 85 ڏوهارين مٿان 42 ڪروڙ انعام مقرر ڪرڻ جي سفارش، ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير حسين تنيو مجموعي طور 101 جوابدارن مٿان 53 ڪروڙ رپيا انعام رکڻ لاءِ آءِ جي سنڌ کي باضابطا سفارش ڪري ڇڏي. گھوٽڪيءَ جي رائونتي واري ڪچي ۾ 6 ڏينهن اڳ ڊي ايس پي اوٻاوڙو عبدالمالڪ ڀٽو، ايس ايچ او عبدالماڪ ڪمانگر، ايس ايچ او کينجھو دين محمد لغاري، ٻن پوليس اھلڪارن جتوئي پتافي ۽ محمد سليم چاچڙ کي شھيد ۽ ايس ايچ او وسطي جيوڻ شاھ غلام نبي بروھي ۽ ٻن پوليس اھلڪارن آفتاب ڀٽو ۽ ممتاز علي سومرو کي زخمي ڪرڻ واري واقعي بعد ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير حسين تنيو ملوث جوابدارن سميت 101 ڏوھارين سر جي قيمت لاءِ آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي سکر کي خط لکي 10 ڏوهارين راحب شر، خدابخش عرف ڪراڙو شر، جان محمد عرف جانو انڍڙ، جميل انڍڙ، ثناءُ الله شر، سومر شر، راڻو شر ۽ دوست علي عرف چاندي شر جي سر قيمت هڪ هڪ ڪروڙ رپيا، ياسين شر، سھڻو شر عرف شيدي شر، شھزادو ملھڻ، راجا شر، عمر شر پٽ سانوڻ شر، ساجن شر، نظر علي شر، امداد شر، تنوير انڍڙ، جمال ملھڻ، فالو شر، لالو شر، علي گل شر، عمر شر پٽ قطب شر، بشير شر، غلام شر، ابراھيم شر، نصر الله شر،مبين شر، مارو شر، قبول شر، سوڀو شر، بالو شر، ابراھيم شر، اسحاق شر، مولو شر، امير بخش انڍڙ، مشير احمد انڍڙ، شاھد انڍڙ، زاھد انڍڙ، ڏاتر شر، سوڀو شر، بشو شر، عارب شر، حاجي شر، اسماعيل شر، غوث بخش شر، علي بخش شر، مھراب شر، يار محمد شر، قربان علي شر، انور شر، اصغر علي شر، حميد شر، امداد شر، عارب شر، راڻو شر پٽ غوث بخش شر، خير محمد شر، شھزادو شر، حمير شر، خير محمد شر، ثناءُ الله پٽ ميلائو شر، ميلائو پٽ سومر شر، حسين شر، بلو شر، دلبر شر، محمد پٽ گلو شر، بخت علي شر، شھبان عرف شبيرو شر، بيدل شر، شتو شر، سوڀو شر، حاصل شر، ٽوڏو شر، فاروق شر، بيدل پٽ جانڻ شر، غلام پٽ جانڻ شر، علي شر عرف ڏاڏو شر، بھادر رند، شريف بنگوار، امتياز شر، حاڪم شر، ڄام شر، علي حسن شر، لالڻ، ڄام، سانوڻ شر، علي حسن، رشيد پٽ ميلائو شر، جيئند پٽ مانجھي شر، اربيلو پٽ احمد شر، دين محمد ۽ عابد علي انڍڙ مٿان 50- 50 لک روپيا انعام جي سفارش ڪئي وئي آھي.جڏهن ته نادر علي پٽ محمد حسن شر جي سر جي قيمت 30 لک رپيا، ڪمال عرف ڪملو شر، بديھل عرف شھزاد شر ۽ شھزادھ پٽ عبدالله دشتيءَ مٿان 20 – 20 لک ۽ خدابخش عرف سرور مشوري مٿان  5 لک رپيا انعام جي سفارش ڪئي وئي آھي.