سکر (بيورو رپورٽ) شھيد ڊي ايس پي عبدالمالڪ ڀٽو جي وارثن کانپوءِ شھيد ايس ايچ او عبدالمالڪ ڪمانگر جي وارثن به رائونتي مقابلي تي سوال اُٿاري ڇڏيا، شھيد ايس ايچ او عبدالمالڪ ڪمانگر جي والد حاجي عبدالغفور ڪمانگر ۽ چاچي حاجي مشتاق ڪمانگر اخباري نمائندن کي ٻڌايو ته پوليس آفيسرن کي مغوين جي بازيابيءَ جو آسرو ڏئي اماڻيو ويو، مغوي ته نه مليا پر ڏوھارين آفيسرن کي گھيري ورتو. اِن دوران پوليس اھلڪار اُتان ھليا ويا. شھيدن ايس ايس پي کي ڪال ڪري چيو ته ھِتي سندن حياتيون خطري ۾ آهن، اِن جي باوجود انھن جي مدد ڪرڻ بجاءِ کين موت جي منھن ۾ ڇڏيو ويو. اعليٰ آفيسرن پنھنجي ڪارڪردگي پئي چاھي. شھيد ايس ايچ او عبدالمالڪ ڪمانگر جي والد عبدالغفور ڪمانگر جو چوڻ ھو ته ايس ايس پي گھوٽڪي تنوير تنيو دعويٰ ڪئي آھي ته 6 ڪلاڪن تائين پوليس آفيسرن ۽ جوانن ڏوھارين سان مقابلو ڪيو. اسان چئون ٿا ته ايستائين توھان يا توھان جي فورس ڪٿي ھئي، توھان آفيسرن کي شھيد ٿيڻ لاءِ ڇڏي ڏنو. اسان کي اِن ڳالھه تي افسوس آھي. ھن سنڌ جي وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته اي سيڪشن ٿاڻو شھيد عبدالمالڪ ڪمانگر جي نالي منسوب ڪيو وڃي. ھن ٻڌايو ته شھيد ايس ايچ او جي موبائيل فون به ڏوھارين وٽ آھي، جنھن جي نمبر تان دوستن کي ڪالز آيون آھن. ھنن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو آھي ته معاملي جي جاچ ڪرائي اصل حقيقتون سامھون آنديون وڃن.