لاڙڪاڻو (ڳالھ ٻولهه : نويد لاڙڪ) گھوٽڪي جي ايس ايس پي تنوير حسين تنيو چيو آهي ته راونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ 5 آفيسرن ۽ اهلڪارن جي شهادت واري واقعي جو تمام جلد پلاند ڪنداسين، شهيدن جو خون ڪنهن به صورت ۾ رائيگان ٿيڻ نه ڏينداسين، پوليس جا جوان اغوا ٿيل ٻارن کي بازياب ڪرائڻ واري نيڪ مقصد لاءِ ڪچي ۾ لٿا ۽ انتهائي بھادري سان وڙهيا.لاڙڪاڻي جي لاهوري پاڙي ۾ شهيد ڊي ايس پي عبدالمالڪ ڀٽو جي وارثن سان ملاقات کانپوءِ ٽائيم نيوز سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي تنوير تنيو چيو ته پوليس ھميشه قربانيون ڏنيون آهن جن تي فخر آهي، انهن جي رت جي بدولت پاڪستان هلي پيو، شهيدن جي وارثن جا حوصلا بلند آهن ظلم جو باب جلد بند ٿيڻ وارو آهي، ڌاڙيلن سان بغير ڪنهن ڪوتاهي جي مهاڏو اٽڪائينداسين. ايس ايس پي چيو ته ڊي ايس پي اوٻاوڙو سميت شهيد ٿي ويل پنجن ئي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي پاڪستان جو سڀ کان وڏو سول ايوارڊ تمغه شجاعت ڏيارڻ لاءِ سفارش ڪئي ويندي. تنوير تنيو چيو ته حملي ۾ هڪ سو کان وڌيڪ ڌاڙيلن جو ٽولو ملوث آهي جن خلاف جلد ڪارروائي شروع ڪئي ويندي هي چئلينج ضرور آهي پر اسان جي پوليس جا حوصلا بلند آهن ڌاڙيل ڪتا ٿي مرندا آهن انهن جا لاش به خراب ٿي ويندا آهن،انهن جي دنيا ۽ آخرت ٻئي  خراب آهن، ڌاڙيل ڀلي ڌمڪين وارا وڊيوز وائرل ڪن اهو ڀاڙيي ماڻهو جو ڪم آهي پوليس مقابلو ڪيو آهي ۽ آئندہ به ڪندي رهندي، حملي ۾ ملوث ڌاڙيلن خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن هلي پيو، هاڻي انفارميشن بيسڊ ڪارروايون ٿينديون، تمام جلد اهي منتقي انجام تي پهچندا. ايس ايس پي تنوير تنيو ٻڌايو ته 85 ڌاڙيلن جي سر تي مجموعي طور 50 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم رکڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي سفارش ڪئي وئي آهي.