اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جسٽس عامر فاروق  چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي عهدي جو حلف کڻي ورتو . ايوان صدر ۾ ٿيل حلف برداري تقريب ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي جسٽس عامر فاروق کان عهدي جو حلف ورتو. جسٽس عامر فاروق اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڇهين چيف جسٽس طور پنهنجي عهدي جو حلف کنيو. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري بعد جسٽس عامر فاروق کي ان عهدي تي مقرر ڪيو ويو.