اسلام ڪوٽ (رپورٽ: الطاف اسماعيل بجير) ٿرڪول ايريا ۾ سيڪيورٽي گارڊن هٿان تشدد بعد فوت ٿيل پورهيت دودي ڀيل جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي، پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ سخت تشدد جي تصديق، انتظاميا ۽ پ پ اڳواڻن جي خاطرين باوجود جوابدار گرفتار نه ٿيا. خبر موجب ٿرڪول بلاڪ ٽو ۾ ڪجھه ڏينهن اڳ اسڪريپ چوريءَ جي الزام ۾ پڪڙي 10 ڏينهن تائين يرغمال رکي، پرائيويٽ ڪمپنيءَ جي سيڪورٽي گارڊن هٿان تشدد بعد فوت ٿي ويل پورهيت دودي ڀيل جي وارثن پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي، ايم پي اي فقير شيرمحمد بلالاڻي ۽ سينيٽر انجنيئر گيانچند جي خاطري تي جمعي واري رات اڍائي وڳي ڌاري ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو. پ پ جي چونڊيل نمائندن مقتول جي وارثن سان ڳالهيون ڪري انصاف جي خاطري ۽ 24 ڪلاڪن اندر جوابدارن جي گرفتاريءَ جي خاطريءَ تي ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو. بعد ۾ لاش کي اسلام ڪوٽ اسپتال آندو ويو، جتي پوسٽ مارٽم کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوسٽ مارٽم جي ابتدائي رپورٽ ۾ ڊاڪٽرن دودي ڀيل تي وحشياڻو تشدد ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، پوسٽ مارٽم ڪندڙن ڊاڪٽرن جي ٽيم موجب دودي ڀيل تي تمام گهڻو تشدد ٿيل هو. اسپتال مان ضروري قانوني ڪارروائي بعد نوجوان جو لاش ڳوٺ نيو ويو. آخري رسمن بعد مڙھ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن دودي ڀيل جي قتل ڪيس ۾ نامزد 4 جوابدار پ پ جي چونڊيل نمائندن پاران 24 ڪلاڪن جي ورتل مهلت ختم ٿيڻ باوجود گرفتار نه ٿي سگهيا آهن. مقتول پورهيت جي گهر ۾ ڪهرام متل آهي. هوڏانهن ايس ايچ او عبدالرزاق جمالي ٻڌايو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٿرڪول بلاڪ ٽو اندر ڇاپا هنيا پر اهي هٿ اچي ناهن سگهيا آهن