اسلام ڪوٽ: پيپلز پارٽي جي چونڊيل نمائندن دودي ڀيل جي موت کي قتل قرار ڏيندي معاملو پ پ چيئرمين جي نوٽيس ۾ آڻڻ جو واعدو ڪيو آهي. جمعي واري رات مقتول دودي ڀيل ڪيس جا جوابدار 24 ڪلاڪن اندر گرفتار ڪرائڻ جي خاطري ڏياري احتجاجي ڌرڻو ختم ڪرائڻ بعد ميڊيا نمائندن سان ڳالهائيندي پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي، فقير شيرمحمد بلالاڻي ۽ سينيٽر انجنيئر گيانچند چيو ته دودي ڀيل تي تشدد ڪرڻ جو ڪنهن کي به اختيار نه هو، جيڪو ٿيو اهو انتهائي غلط ٿيو آهي، جوابدان کي 24 ڪلاڪن اندر گرفتار ڪيو ويندو. سموري پ پ قيادت وارثن سان گڏ آهي. هنن چيو ته وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ۽ صوبائي وزير امتياز شيخ به معاملي جو نوٽيس ورتو آهي. دودي ڀيل جي خون سان انصاف ٿيندو. هوڏانهن صوبائي صلاحڪار پونجو مل ڀيل متاثرن وٽ پهچي ساڻن ڏک ونڊيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته پورهيت دودي ڀيل کي سيڪورٽي گارڊن پنهنجي نجي جيل ۾ قيد رکي قتل ڪيو آهي. مقتول جو قتل ڪيس اينگرو ڪمپني جي سي اي او تي به داخل ٿيڻ گُهرجي. هن خاطري ڏياري ته متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪنداسين. آئون وڪيل جي حيثيت ۾ مقتول جو ڪيس مفت وڙهڻ جو اعلان ڪريان ٿو. هن وارثن کي خاطري ڏياريندي چيو ته هي معاملو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي نوٽيس ۾ آندو ويندو.