حيدرآباد (بيورو رپورٽ) آل ٿر ليبرس ۽ ورڪرز اتحاد پاران ٿر ڪول ۾ سيڪورٽي اهلڪارن جي تشدد ۾ قتل ٿي ويل پورهيت دودو ڀيل جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي حاڪم سميجو، علي خان، علي شير ۽ ٻين چيو ته ٿر ڪول ملڪ جو هڪ وڏو اهم منصوبو آهي جنهن مان ٿر واسين کي فائدو ملڻ بدران پنهنجي پيارن جا لاش کڻڻا پون پيا. ٿر ڪول جي سيڪورٽي اهلڪارن ٿر واسي پورهيت کي وحشياڻو تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي. ٿر ڪول انتظاميا ناحق تشدد واقعي جي ذميوارن کي قانون جي حوالي ڪرڻ بدران قاتلن کي بچائڻ جي ڪوششن ۾ رُڌل آهي. هنن مطالبو ڪيو ته پورهيتن تي تشدد ڪندڙ سيڪورٽي گارڊن کي فوري طور گرفتار ڪري سندن مٿان قتل ڪيس داخل ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.