دوداپور (ن پ ا ) ميرانپور پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار ضمير خروس کي گرفتار ڪري 4- راڪيٽ جا گولا ۽ فيوز هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي،پوليس ترجمان موجب وڏي مقدار ۾ ھٿيارن سميت گرفتار جوابدار ضمير خروس بدنام ڌاڙيل علي جان ملغاڻي جو ساٿي آهي ۽ پوليس تي حملن سميت مختلف ڪيسن ۾ گهربل آهي، جيڪو ھٿياربند موٽرسائيڪل تي سوار ٿي ڌاڙيلن کي ھٿيار پهچائڻ وڃي رهيو ھو ته سنڌ بلوچستان جو بارڊر چاچڙ پل وٽ کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي نه بيھڻ تي مقابلي بعد کيس ھٿيارن سميت گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن جي وڌيڪ پڻ جاچ ڪئي پئي وڃي. ٻي طرف اھم ذريعن کان پڻ اهي چوٻول ھلندڙ آهن ته گرفتار جوابدار کي ھڪ ھفتو اڳ پوليس ھٿيڪو ڪيو ھو ڊيل نه ٿيڻ تي  جنهن جي گرفتاري ظاھر ڪئي وئي آهي.