ڪراچي (م ڊ) سينئر صحافين ۽ تجزياڪارن مري سانحي تي حڪومت جي نااهلي تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي  ته حڪمران بي حس ٿي ويا آهن، اپوزيشن وارا هجن يا وري حڪومت وارا هن حادثي تي سياست چمڪائڻ بدران وات بند رکن. ان سلسلي ۾ سينئر صحافي نذيرلغاري ٽوئيٽ ڪئي ته حڪمران ته مري ۾ ماڻهن جي آمد کي غربت جي خاتمي جي علامت قرار ڏئي رهيا هئا الله رحم ڪري. صحافي عمر چيما چيو ته سياح جڏهن ايتري انگ ۾ مري ويا ته حڪومت ان کي خوشحالي جي علامت قرار ڏئي ڪريڊٽ کنيو هاڻ ماڻهو فوت ٿيا آهن ته حڪومت سياحن کي الزام ڏئي رهي آهي. پي ٽي آءِ حڪومت جي حامي اينڪر عمران خان چيو ته حڪومتي انتظامي نااهلي ۽ هڪ طبقي جي بيحسي پنهنجي جاءِ تي پر رات مري جي جن ماڻهن پنهنجي جان جوکم ۾ وجهي انسانن جون جانيون بچايون انهن جا ٿورا الله انهن کي اجر عظيم عطا ڪري. صحافي وسيم عباسي چيو ته مقامي ماڻهن موجب 40 ڄڻا فوٿ ٿي ويا آهن. خاص طور تي جهيڪا گلي کان ڪلڊنه روڊ تائين. ڇا حڪومت جي ڪا ذميواري ناهي؟ انهن ڊزنين فوتگين کان اڳ لکين گاڏين جي مري ۾ داخلا کان اڳ ڪا منصوبابندي ڇو نه ڪئي وئي. اينڪر غريده فاروقي وزيراعظم جي اردو ۾ ڪيل ٽوئيٽ تي تبصرو ڪندي چيو ته توهان جي انگريزي ۾ ٽوئيٽ ڪافي هئي، متاثر فيملين، سمورن پاڪستانين ۽ سڄي دنيا تائين بيحسي، نااهلي ۽ ناڪامي جو تماشو پهچائڻ لاءِ. سينئر صحافي مبشر زيدي چيو ته مري سانحو ثابت ڪري ٿو ته حڪومت ۽ انتظاميا جون سياحن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جون سموريون دعوائون ڪوڙيون هيون، هرڪو وقت تي مدد ڪرڻ بدران سياحن جي ڪري ٿيندڙ آمدني کي ڳڻيندو رهيو. سينئر صحافي مظهر عباس چيو ته حادثي تي سياست شرمناڪ آهي چاهي اها اقتدار ڌڻين جي طرفان هجي يا وري مخالف ڌر طرفان. مهرباني ڪري اتي وڃي مدد ڪريون جيڪڏهن اهو نه ٿا ڪري سگهون ته پنهنجو وات بند رکو. صحافي شهزاد زاهد چيو ته هنن هزارين گاڏيون اچڻ ڏنيون ته جيئن ٻڌائي سگهن ته ملڪ ۾ سڀ ٺيڪ آهي ڪا مهانگائي نه آهي، عوام خوش آهي ماڻهو گهمڻ نڪتل آهن ته جيئن وڌيڪ ڪوڙ ڳالهائي سگهن. برفباري پهريون ڀيرو ناهي ٿي اهڙي موسم کي منهن ڏيڻ آسان ناهي پر هنن جي نااهلي جو ڪو مثال نه ٿو ملي.