حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پڃاري جي علائقي پريٽ آباد ۾ اڻڄاتل نوجوان ڪني پاڻي جي کڏ ۾ ٽپو ڏئي مبينا طور  آپگهات ڪري ڇڏيو، علائقي واسين جي اطلاع تي پوليس پهچي نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته پريٽ آباد جي مهراڻ گرائونڊ ۾ علائقي واسين پاران کين اطلاع ڏنو ويو ته گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ کڏ ۾ اڻڄاتل نوجوان ٽپو ڏئي مبينا طور آپگهات ڪيو آهي جنهن تي فوري طور پهچي نوجوان جو لاش ڪڍرائي تحويل ۾ وٺي ايڌي معرفت سول اسپتال منتقل ڪيو پر ڊاڪٽرن تصديق ڪئي ته نوجوان فوت ٿي چڪو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته اڻڄاتل 26 سالن جي نوجوان جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي ان ڪري سندس لاش پوسٽ مارٽم بعد سول اسپتال ۾ مرده خاني ۾ امانت طور رکرايو ويو آهي نوجوان جي سڃاڻپ لاءِ سندس فنگر پرنٽس ورتا ويا آهن.