دنيا جي تبديليءَ جي تاريخ ۽ عالمگيريت

0
121

مشتاق جروار

ھر دور پاڻ سان نوان خيال، نيون  سوچون، نوان چيلينج،  سياسي، سماجي ۽  فڪري نظام کڻي ايندو آھي ۽ ھر دور  پنھنجي گذريل دور کان وڌيڪ ايڊوانس ۽ منفرد ھوندو آھي  ۽ اھو دور ماڻھن جي سماجي ، سياسي، معاشي حالتن تي  اثرانداز ٿيندو آھي ۽ انھن کي فڪري طور تبديل ڪندو آھي، جيئن اوائلي شڪاري دور ۾ ماڻھن جا خيال. سوچون محدود ھيون. انھن جو معاشي نظام صرف ٻوٽن تي مشتمل ھو. سياسي ۽ سماجي نظام ھڪ ڪميون وارو ھو  پر زرعي دور انسان لاءِ ھڪ وڏو انقلاب ثابت ٿيو، جنھن نه رڳو انسان جي سماجي ۽ معاشي حالت تبديل ڪئي، پر انسان ۾ ان دور ۾ ھڪ وڏي فڪري تبديلي آئي ۽ ان ئي دور ۾ مذھب، نظريا، ادب ۽ نوان خيال ڦٽڻ شروع ٿيا، جنھن اڳتي ھلي پوري انسان ذات کي ھڪ نئين دور ۾ داخل ڪيو، بلڪل ائين صنعتي دور، سرمائيدارانه دور پڻ دنيا ۾ وڏيون تبديليون آنديون. ھاڻوڪو دور، جنھن کي عالمگيريت جو دور سمجھيو وڃي ٿو، جيڪو ھن سرمائيدارانه دور جي عروج جو دور آھي. جيتوڻيڪ ھن دور کي دنيا جي پورھيتن ڪميونسٽ انقلاب جي نظريئي   ھيٺ روس، ويٽنام، چين، اتر ڪوريا، ڪيوبا، لاطيني آمريڪا جھڙن ملڪن ۾ چيلينج به ڪيو ۽ دنيا ۾ ھڪ وڏي انقلابي تبديلي رونما پڻ ٿي، جيڪا مُني صديءَ تائين قائم رھي پر ڪن خارجي ۽ داخلي سببن ڪري اھو نظام ڪمزور ٿي ويو ۽ ان جي جڳھ وري سرمائيدارانه نظام پنھنجين نئين تبديلين سان پوري دنيا تي حاوي ٿي ويو آھي . جيتوڻيڪ ھن دور کي ھر ھڪ ماڻھو پنھنجي نقطهء نظر ۽ اک سان ڏسي ٿو، تنھن ڪري ھن دور کي مونجھاري جو دور به سمجھيو وڃي ٿو. ھن دور جي خيالن، سوچن کي سمجھڻ تمام وڏو مسئلو بڻجي چڪو آھي،  ڇو ته سائنسي ٽيڪنالاجي ھر ھڪ ماڻھوءَ جي زندگي کي تبديل ڪري ڇڏيو آھي. ھن دور جي جديد سرمائيداري انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذھانت تي  ٻيٺل آھي.  ھاڻي ھن دور ۾ سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس لاءِ ڪابه شيءِ ناممڪن ناھي. هڪ رپورٽ مطابق، 2030ع تائين سائنس موت تي ڪنٽرول رکڻ ۾ ڪامياب  ٿي ويندي يا وري سنڌو ماٿريءَ جي تھذيب موھن جي تھذيب، رھڻي ڪھڻي کي آرٽيفيشل انٽيليجنس جي ذريعي ان جي تصويرن جي صورت ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ائين ٽيڪنالاجي ايندڙ دور ۾ ته دنيا جا سڀ مسئلا حل ڪرڻ جي سگھ رکي ٿي. ٻئي طرف اھا ٽيڪنالاجي مظلوم قومن، پٺتي پيل ملڪن  کي غلام رکڻ جو وڏو ھٿيار آھي.

ھن دور ۾ اسان جھڙن ملڪن جي ماڻهن جي ذھن تي سوشل ميڊيا جي حڪمراني آھي. ھر ماڻھوءَ جي خيالن ۽ سوچن تي سرمائيدار دنيا جي ٺاھيل ھٿ ٺوڪيا تصور ۽ خيال حاوي آھن. تنھن ڪري ھن دور جي سرمائيدارانه نظام، ان جي اقتصاديات، ان جي سائنسي نظرين، ٽيڪنالاجي جي  سھولتن کي سمجھڻ جي ضرورت آھي. ان حوالي سان ڊاڪٽر سڪندر مغل جو ترجمو ڪيل ڪتاب “عالمگيريت جي تاريخ ۽ ارتقا” آھي، جيڪو اقتصاديات کي سمجھڻ لاءِ تمام اھم ڪتاب آھي. اهو ڪتاب انسان معاشري جي قائم ٿيڻ کان ھن دور تائين جي اقتصادي تاريخ کي پيش ڪري ٿو. ھن جو بنيادي نقطو اهو آهي ته ھن دور جي انفارميشن ٽيڪنالاجي دنيا کي ڪيئن تبديل ڪري رھي آھي ۽ اھا دنيا جي اقتصاديات تي ڪئين اثرانداز ٿي رھي آھي؟ انھيءَ کي سمجھائڻ لاءِ ليکڪ رچرڊ بالڊون انساني تاريخ جو پورو پسمنظر ڏنو آھي، جنھن ۾  ليکڪ عالمگيريت جي تاريخ جو وسيع نقطهء نظر پيش ڪري ٿو. ھي ڪتاب چئن ڀاڱن تي مشتمل آھي، جنھن   ۾ پھريون عالمگيريت جي تاريخ ۽ ان جي چئن لھرن تي تفصيلي بحث ڪري ٿو.

عالمگيريت جو پھريون مرحلو ٻه لک قبل مسيح  کان 10 ھزار قبل مسيح تائين ھو، جيڪو انسان جو ٻوٽا ميڙيندڙ دور ھو، جنھن ۾ انسان پنھنجي خوراڪ لاءِ پوري ڌرتي تي سفر ڪرڻ ۽ ان کي والارڻ  جي شروعات ڪئي. ان خوراڪ جي ڳولا لاءِ پوري ڌرتي تي سفر ڪرڻ شروع ڪيو،

عالمگيريت جو ٻيو مرحلو زرعي انقلاب کان شروع ٿئي ٿو، جيڪو ڏھ ھزار قبل مسيح  کان 1820ع تائين ھو. ھن  مرحلي ۾ انسان جي خوراڪ جو ذريعو زراعت ھئي، جنھن سبب انسان ھڪ جڳھ تي پنھنجا ڳوٺ ۽ پوءِ شھر اڏڻ شروع ڪيا. ائين شھرن ۾ شين جي ڏي وٺ ٿيڻ لڳي، شين جو وڪرو ۽ خريد ٿيڻ لڳي. ائين شھر ڪاروباري مرڪزن ۾ تبديل ٿيڻ لڳا ۽ شھري تھذيبون اڀرڻ لڳيون. عراق، ايران، ترڪي، ھندستان ۽ چين جون تھذيبون انسان جي زراعت واري مرحلي ۾ وجود ۾ آيون. عالمگيريت جي زرعي مرحلي دوران دنيا ۾ ٽن مرحلن ۾ ھيٺين تبديلي آئي:

پھرئين منزل: ايشيا جو اڀرڻ

ھن مرحلي دوران ايشيا معاشي ۽ فڪري طور تي پوري دنيا کان مٿي اُڀري آيو، ايشيا ۾ ھندستان ، عراق، چين، ميسوپوٽيميا ۽ سنڌوءَ جي ماٿري جھڙيون تھذيبون وجود ۾ آيون. زرعي انقلاب سان انسان ڪنجهي جي دريافت ۽ لوھ جا اوزار ٺاھڻ جي شروعات ڪئي، جنھن سان زراعت ڪرڻ ۾ آساني ٿيڻ ڪري اُپت ۾ واڌرو ٿيڻ لڳو ۽ انساني آدمشاري تمام گھڻي واڌ کائڻ لڳي. ھن مرحلي ۾    شھرن اڏجڻ سان شھرن ۾ واپاري مرڪز قائم ٿيڻ لڳا. پيداوار جي کپت ٿيڻ لڳي. ھن مرحلي ۾ وادي دجلا، فرات جي تھذيب ھڪ وڏو واپاري مرڪز ٿي اُڀري.

ٻي منزل: يورو- ايشين جو گڏجڻ

ھن مرحلي دوران شاهراهه ريشم جي تعمير ٿي، جنھن ايشيا ۽ يورپ کي ڳنڍي ڇڏيو. ان روڊ دنيا جي واپاري مرڪزن  کي پاڻ ڳنڍي ڇڏيو. ھن مرحلي ۾ دنيا جون ٻه وڏيون طاقتون اسلام ۽ منگول سلطنتون اڀري نروار ٿيون. جيتوڻيڪ منگول سلطنت دنيا جي وڏي ۾ وڏي سلطنت    جو رڪارد رکي ٿي، جنھن شاهراهه ريشم جي گھڻن علائقن کي پنھنجي اختياري ھيٺ رکيو ٿي ۽ اسلام جي ڦھلاءَ سان  پوري دنيا ۾ واپار وڌيو.

ٽئين منزل: يورپ جو اڀرڻ

ھن منزل دوران دنيا۾ ٻه وڏا واقعا ٿيا، جن دنيا کي معاشي ۽ سياسي طور تبديل ڪري ڇڏيو، جنھن مان ھڪ   طاعون بيماري جو پوري دنيا ۾ ڦھلجڻ ، ٻيو اسلامي دنيا جو ٽٽڻ ۽ شاهراهه ريشم جو بند ٿيڻ. جيتوڻيڪ منگول سلطنت ھڪ طرف ته واپار کي تمام گھڻو زور ته وٺرايو   پر ان پنھنجن واپاري ماڻھن جي ذريعي طاعون بيماري کي پوري دنيا ڦھلائي ڇڏيو، جنھن سان يورپ کي تمام گھڻو جاني نقصان پھتو. ھن بيماري يورپ جي اڌ آبادي کي ٻھاري ڇڏيو. ان بيماري جو اثر ھندستان ۽ چين تي گھٽ پيو، باقي ٻي دنيا جي گھڻن حصن جي آبادي کي گھٽ ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف پندرھين صدي ۾ اسلامي دنيا جي ٽڪرا ٿيڻ ڪري شاهراهه ريشم بند ٿي وئي، جنھن سان چين جا يورپ، مشرقي ملڪن سان تجارتي لاڳاپا ختم ٿيا، جڏھن ته اھو دور چين جي تھذيب جو عروج جو دور ھو. شاهراهه ريشم بند ٿيڻ يورپ لاءِ ڀاڳوند ثابت ٿيو ۽ يورپ دنيا جا ٻيا رستا دريافت ڪرڻ ۾ لڳي ويو، جنھن سان ڪولمبس جي اڳواڻي ۾ نئين دنيا ۽ نون کنڊن جي دريافت ٿي.

ھڪ طرف يورپ جي ملڪن پوري دنيا سان واپاري ناتا ڳنڊڻ لاءِ دنيا جا سامونڊي سفر ڪيا، جنھن پوري يورپ کي تبديل ڪيو ته ٻئي طرف يورو ايشيا جي تھذيبن ۽ اسلامي دنيا جي علم، فلسفي ۽ سائنس جا فائدا حاصل ڪرڻ شروع ڪيا، جنھن يورپ ۾ نئين جاڳرتا ۽ روشن خيالي جي دور جي شروعات ڪري ڇڏي ۽ يورپ ۾ وڏا مصور، شاعر، فلسفي ۽ سائنسدان پيدا ٿيا، جن عالمگيريت کي اڳتي وڌايو. ان کانپوءِ يورپ ۾ ٻاڦ جو دور ۽  صنعتي انقلاب جو دور اچي ٿو، جنھن کي ليکڪ عالمگيريت جي چوٿين منزل ڪوٺيو آھي. عالمگيريت ھي دور تمام اھم دور آھي. ھن دور ۾ يورپ پنھنجي صنعتي انقلاب جي ڪري اڳتي وڌيو ۽ مشرق پوئتي رھجي ويو، جنھن کي سمجھڻ تاريخ ۽ اقتصاديات جي شاگردن لاءِ تمام ضروري آھي.