ادارن کي خانگائڻ ۽ آئوٽ سورس ڪرڻ وارو سوال

0
148
ادارن کي خانگائڻ ۽ آئوٽ سورس ڪرڻ وارو سوال

 2000ع ۾ ڪينٽ اندر ٺهي تيار ٿيندڙ نئون آرمي پبلڪ اسڪول، جنهن کي ‘گيريزن اڪيڊمي سينيئر ڪيمپس’ جو نالو ڏنو ويو هو، ان کي خاص طور تي ‘او’ ليول (ڪيمبرج ليول – ون: پهرئين کان اٺين درجي تائين واري تعليم يعني سيڪنڊري سطح تائين) ۽ ‘ايَ’ ليول (ڪيمبرج ليول – ٽو: ميٽرڪ کان انٽرميڊيئيٽ تائين واري تعليم يعني هائير سيڪنڊري سطح تائين) جي شاگردن کي داخلا ڏيڻ جي لاءِ تيار ڪيو ويو هو. سنڌ مان آئون اڪيلو ۽ باقي ٻين استادن جو تعلق بشمول ميجر (ر) جي، پنجاب جي مختلف علائقن سان هو. ميجر جو آبائي علائقو فيصل آباد هو. گوجرانوالا ۾ يارنهن سال رهندي (چار سال ڪينٽ اندر ۽ ست سال ڪينٽ کان ٻاهر) مون جيڪو مشاهدو ڪيو، اهو هي ته، فوج ۾ نوڪري ڪرڻ وارا ملازم جن جي سروس گوجرانوالا ۾ پوري پئي ٿي يا ٿي رهي هئي، اهي پاڻ کي رٽائر ڪرائي پنهنجي باقي زندگي جي لاءِ ۽ خاص طور تي ٻارن جي بهتر مستقبل جي لاءِ اتي ئي پلاٽ وٺي گهر ٺهرائي مستقل طور تي رهڻ کي ترجيح ڏيندڙ هئا. هو چوندا هئا ته ڪينٽ اندر بهترين اسڪول آهن. اسان ته فوج ۾ صوبيدار، سپاهي يا بٽ مين طور ڀرتي ٿياسين پر پنهنجي ٻارن کي اسان آفيسر بڻائينداسين. ميجر، جنهن جو نالو ميجر عارف هو، پنهنجي رٽائرمنٽ بعد هڪ جديد فوجي رهائشي رٿا ‘عسڪري فائيو’ جي هڪ گهر ۾ رهندو هو. جڏهن هن کي اها خبر پئي ته منهنجو تعلق سنڌ سان آهي ته هن مونکي پنهنجي ويجهو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ مختلف موضوعن يعني سياست، ڪالاباغ ڊيم، سنڌي ٻولي، بنگالين جو ملڪ کان الڳ ٿيڻ، آصف علي زرداري، نواز شريف، عمران خان، محترما بينظير ڀٽو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو تي ڪافي ڪجهه بحث مباحثو ڪندو رهندو هو. ميجر عارف بظاهر سهڻو، سيبتو، پڙهيل لکيل ۽ ڪتابي ڪيڙو به لڳندو هو. پر هن کي اجائي بحث ڪرڻ واري بري عادت به ڏاڍي هئي. مونکي اڪثر پنهنجي گهر به گهرائيندو هو. ان جو سبب منهنجيون اهي ٽيوشنز هونديون هيون، جيڪي مان عسڪري فائيو جي ڪجهه گهرن ۾ وڃي ڪندو هئس. پنهنجي گهر ۾ چانهه ۽ خشڪ ميوي سان خاطر تواضع ڪندي وري ساڳي سياسي بحث ۾ ڇڙي پوندو هو. هو مونکي ٻڌائيندو هو ته اسان پنجابين جي فوج ۾ گهڻائي آهي. ٻئي نمبر تي پٺاڻ آهن، جن کي جنرل ايوب فوج ۾ آندو. توهان سنڌي نه هجڻ جي برابر آهيو. ان ۾ فوج جو ڏوهه گهٽ پر توهان جي سياستدانن، وڏيرن ۽ گهڻي حد تائين توهان جي ان سنڌي لڏي جو به عمل دخل آهي، جنهن کي توهان پنهنجو دانشور چئو ٿا. اهي توهان کي نفرت ڪرڻ سيکارين ٿا. توهان پاڻ ڏسو توهان جو سائين جي ايم سيد ملڪ ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪندو هو. اسان کي خبر آهي ته سائين جي ايم سيد سنڌ اسيمبلي ۾ پاڪستان ٺهڻ جي حق ۾ قرارداد پاس ڪرائي هئي پر قائداعظم سان ڪجهه ڳالهين تي اختلافن سبب ملڪي سياست کان پري ٿي ويو. ٻيو جڏهن بنگلاديش ٺهيو ته هن سنڌو ديش جو نعرو هنيو. ان جو نتيجو هي نڪتو ته پنجاب سنڌ جي نوجوانن کي علحدگي پسند طور ڏسندو رهيو ۽ انهن کي مٿي اچڻ نه ڏنو. هو ٻڌائيندو هو ته اسان جڏهن فوج ۾ ڀرتي ڪرڻ جي لاءِ نالي ماتر سنڌ جا دورا ڪندا هئاسين ته اسان کي سوال نامو پڪڙايو ويندو هو ته سنڌين جي دل ۾ نفرت ڇو آهي؟

ميجر عارف جون هن قسم جون ڳالهيون ٻڌي حيراني به ٿيندي هئي ۽ اهي سچائيون به معلوم ٿي وينديون هيون، جيڪي اسان هڪ ٻئي خلاف پنهنجي دل و دماغ ۾ رکندا آهيون. هڪ ڏينهن جيئن ئي آئون اسڪول جي لائبريري جي ويجهو ۽ پرنسيپال آفيس جي ڀر ۾ رکيل اخباري اسٽينڊ تي اخبارون ڏسي رهيو هئس ته هو آيو ۽ روايتي حال و احوال بعد هن مونکي چيائين: “توهان سنڌي سٺا سياستدان ٿي سگهو ٿا، سٺا شاعر ۽ سٺا اديب به ٿي سگهو ٿا، ايتري تائين جو توهان عاشق به ڀلا ٿيندا آهيو، ۽ توهان رياستڪاري (اسٽيٽسمينشپ) ۽ سفارتڪاري جا ماهر به آهيو پر توهان ۾ ادارن کي موثر نموني سان هلائڻ جي صلاحيت ناهي”. خير مون هن سان گهڻو بحث انهيءَ ڪري به نه ڪندو هئس ته ميجر عارف کي جبري طور تي رٽائر ڪيو ويو هو. ڇاڪاڻ جو هن تي هي الزام هو ته هي دماغي طور تي ٺيڪ نه آهي. جبري رٽائر ڪري، هن جو علاج ڪرائي بعد ۾ هن کي ان اسڪول ۾ استاد طور رکيو ويو. ميجر عارف کي هيٺين ڪلاسن کي سماجي اڀياس، سائنس ۽ هڪ اڌ ڪلاس کي ڪمپيوٽر پڙهائڻ جي ذميداري سونپي وئي هئي. مان جيئن ته ڪمپيوٽر ۾ بيِ ايِ (بيچلرز آف انجنيئرنگ) جي ڊگري رکندڙ آهيان ۽ سڀني ڪلاسن کي ڪمپيوٽر مضمون کي پڙهائڻ لاءِ آئون ئي واحد استاد هئس ته هن جو مون سان ائين عليڪ سليڪ ڪرڻ هڪ قسم جي پيشوراڻي مجبوري به هئي.

سنڌ ۾ نائين کان انٽر تائين جا امتحان تعليمي بورڊن بدران خانگي ادارن کان ڪرائڻ جي خبر جڏهن پڙهيم (جنهن  فيصلي تي عمل کان حڪومت عارضي طور تي هٿ کڻي ويئي آهي) ته ٻاويهن سالن بعد ميجر عارف ياد اچي ويو. نه صرف ميجر صاحب ياد آيو پر هن جو اهو جملو به ته، “توهان ۾ ادارن کي موثر نموني سان هلائڻ جي صلاحيت ناهي.” تمام گهڻو ياد آيو. هاڻي کن پل لاءِ سوچيو ۽ پنهنجي ادارن اندر ڪم ڪندڙ عملي ۽ آفيسرن جي صلاحيتن جي باري ۾ خيال ڊوڙايو ته توهان کي ڇا محسوس ٿئي ٿو. سوچيو جيڪڏهن هڪ ذهني طور متاثر ميجر اسان جي باري ۾ اها راءِ رکي پيو ته جيڪي چڱا ڀلا آهن، اهي اسان جي باري ۾ ڪهڙا ويچار رکندا هوندا. صرف هي چوڻ ته پاڪستان جي ادارن ۾ اسان سنڌين کي ڄاڻي واڻي پوئتي رکيو ٿو وڃي، منهنجي خيال ۾ صفا ائين به ڪونهي. لاڙڪاڻي بورڊ جو چيئرمين نسيم ميمڻ جڏهن بورڊ جي چارج وٺي ٿو ۽ جڏهن اهو چئي ٿو ته ڪوبه اهڙو ٻار ڳولي اچو، جيڪو مونکي هي ٻڌائي ته اي- ون گريڊ هن پيسن تي حاصل نه ڪيو آهي، ته جيڪا چور جي سزا سا منهنجي سزا. هن پاران انهن ملازمن خلاف جڏهن ٿوري گهڻي سختي ڪئي وئي، جن تي شڪ هو ته اهي پيسا وٺي ٻارن جون مارڪون تبديل ڪن ٿا ته ملازم هن جي خلاف ٿي بيٺا. ڪجهه ڏينهن جي احتجاجن بعد چيئرمين ۽ ملازم کير کنڊ ٿي ويا. هي صرف لاڙڪاڻي بورڊ جو مسئلو ناهي، سنڌ جو هر ادارو اهڙن ڪمن جي ڪري مشهور آهي. اسڪول ۽ ڪاليج جيڪڏهن ڪوڙيون داخلائون رکن ٿا ته يونيورسٽيون ۽ بورڊ به ڪوڙيون ڊگريون ۽ ڪوڙا سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جي لاءِ مشهور آهن. حقيقت هي آهي ته اسان وٽ ادارن يا انهن ۾ ڪم ڪندڙ عملو خراب ناهي پر حڪومت خود ئي جڏهن قاعدن تي عملدرآمد ۾ ڪوتاهيون ڪرڻ جي لاءِ مشهور هجي ته پوءِ ڇا ٿو ڪري سگهجي! ڪيمبرج يونيورسٽي ‘او’ ۽ ايَ ليول جا امتحان سڄي دنيا ۾ ڪرائي ٿي، ڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ هن جو ڪو اهڙو ادارو ڳولي ڏيکاريو، جيڪو ٻارن کان پيسا وٺي پنهنجي مرضي جا نتيجا تيار ڪري. ڪيمبرج يونيورسٽي جو هي امتحاني نظام ايترو ته موثر آهي، جو هن ۾ ڪنهن سان به زيادتي ٿيڻ تقريبن ناممڪن آهي. اهوئي خاص سبب آهي جو ڪيمبرج ۽ ٻارن جي خاندانن جي وچ ۾ هڪ بهترين قسم جي اعتماد ۽ اعتبار جو رشتو قائم آهي. اسان وٽ وري ابتو ڪم آهي. اسان وٽ ادارن ۽ خاندانن جي اوچ ۾ ڏيتي ليتي واري اعتبار جو جهان قائم آهي. حڪومت ٿرڊ پارٽي واري هوڌ تان عارضي طور تي هٿ ته کنيو آهي پر ان جو ارادو ڪنهن به وقت بدلجي سگهي ٿو. حڪومت ۽ ادارن کي ڪنهن به ٽئين ڌر ڏانهن وڃڻ کان بهتر آهي ته پنهنجي وڃايل ساک کي بحال ڪرڻ جي لاءِ سچي دل ۽ نيت سان ڪم ڪيو وڃي.