موسمي ڦير گهير سبب ٿيندڙ نقصان

0
124
موسمي ڦير گهير سبب ٿيندڙ نقصان

 موسمي ڦير گهير بابت هڪ انگريزي اخبار ۾ خبر لڳي ته ان بابت ڪجهه فيصلا ٿيڻا آهن. اها خبر ان اخبار ۾ 17 اپريل تي لڳي. ٻي خبر ان ئي اخبار ۾ وري لڳي ته دنيا جا گليشيئر رجن پيا ۽ سال 2022ع ۾ انهن جي رجڻ جي رفتار غير معمولي هئي. اها خبر ان اخبار ۾ 22  اپريل تي لڳي، انهن جو حال احوال هيٺ ڏجي ٿو:

موسمي ڦير گهير آهي ڇا؟

                 موسمي ڦير گهير اها آهي ته دنيا جي گولي جو گرمي پد ڏينهون ڏينهن وڌي ٿو پوي. اها تبديلي صنعتي انقلاب اچڻ کانپوءِ ٿي، جو اسان توانائي لاءِ ڪوئلو، قدرتي گئس ۽ ٻنين ۾ ڪيميائي ڀاڻ جو استعمال ڪيو ۽ انهن جي استعمال سان ميٿين گيس پيدا ٿئي ٿي. اهي گيسون ڌرتي جي چوڌاري هڪ گول چڪرو ٺاهين ٿيون، جيڪي سج جي موٽندڙ شعاعن کي روڪين ٿيون، انهيءَ ڪري گرمي پد وڌي ٿو. انهن گيسن کي سائي گهر واريون گيسون (Green house gases) چون ٿا. اهو انهيءَ ڪري نٿا چون ته گيسون سائي رنگ جون آهن، بلڪه انهيءَ جي ڀيٽ ۾ اهي شيشي جي ٺاهيل گهر سان ڪن ٿا، جيڪو سياري ۾ اونهاري واريون ڀاڄيون ۽ اونهاري ۾ سياري واريون ڀاڄيون پوکڻ لاءِ ٺاهيو وڃي ٿو. اونهاري واريون ڀاڄيون سياري ۾ پيدا ڪرڻ لاءِ انهيءَ گهر جي شيشي کي رنگ ڏئي روشني اماڻي وڃي ٿي، جيڪا ٻاهر موٽ نٿي کائي ۽ شيشي جي گهر اندر گرمي وڌائي ٿي ۽ ڌرتي جي چوڌاري انهيءَ نموني ۾ اهي شيشي جو ڪم ڏين ٿيون ۽ سج جون شعاعون پوري ريت موٽڻ بدران ڪجهه رڪجي وڃن ٿيون ۽ ايئن ڌرتي جو گرمي پد وڌي ٿو ۽ گرمي پد وڌڻ ڪري وڌيڪ پاڻي ٻاڦ ٿي اڏامي ٿو ۽ فضا ۾ بخارات وڌي وڃن ٿا، جنهن ڪري وڌيڪ مينهن پون ٿا ۽ موسم ۾ ڦير گهير اچي ٿي. گرمي پد وڌڻ ڪري اتر ۽ ڏکڻ قطبن تي برف رجي ٿي، جنهن ڪري سمنڊ جي سطح به وڌي ٿي ۽ گليشيئرز جي رجڻ ڪري پهرين درياهن ۾ وڌيڪ پاڻي ايندو ۽ جڏهن گليشيئر وڌيڪ رجي ويندا ته درياهن ۾ گهٽ پاڻي ايندو، پينل وارن ٻڌايو ته گذريل صدي ۾ گرمي پد 1 ڊگري سينٽي گريڊ وڌي ويو آهي. جيڪڏهن منفي سرگرميون ساڳي نموني ۾ جاري رهيون ته هن صدي جي پڇاڙي ۾ ڌرتي جو گرمي پد 0.6 کان 6.4 ڊگريون وڌي سگهي ٿو. هنن جو چوڻ آهي ته گرمي پد ۾ 5 ڊگري واڌ دنيا وارا سهي نه سگهندا. هنن مطابق گرمي پد 2 ڊگرين کان وڌيڪ نه ٿيڻ کپي. انهيءَ لاءِ ٻه ڪم ڪرڻ کپن. پهريون گرين هائوس گيسن جو اخراج گهٽائجي ۽ ان تي پاڻ کي هيرائجي ته اخراج گهٽجي، جنهن جي انگريزي ۾ (Mitigation) ۽ هير وجهڻ کي انگريزي ۾ (Adaptation) چون ٿا.

 GHG جو اخراج گهٽائڻ:

اچو ته ڏسون ته دنيا جي خاص ملڪن جو GHG ۾ اخراج ڪيترو آهي. عالمي بينڪ جي رپورٽ مطابق مختلف ملڪن جو ساليانو اخراج سال 2005ع ۾ هي رهيو: وڌ ۾ وڌ گدلاڻ آمريڪا جي آهي ۽ ٻيو نمبر چين آهي، جڏهن ته پاڪستان ڪنهن حساب ڪتاب ۾ نه آهي.

گرين هائوس گيسن تي پاڻ کي هيرائڻ:

جڏهن گيسن جو اخراج گهٽايو نٿو وڃي ته گرمي وڌڻ ڪري موسمي ڦير گهير ٿيندي رهنديپر وڌيڪ سمنڊ جي سطح چڙهڻ ڪري مالديپ ٻڏي ويندو ۽ بنگلاديش تي به اثر پوندا. گليشيئر رجڻ ڪري ڪجهه وقت کانپوءِ سنڌو درياهه ۾ پاڻي اچڻ گهٽجي ويندو، جنهن ڪري اسان جي زراعت تي اثر پوندو. ان کان اڳ يا پوءِ برساتن ڪري ملڪ ٻڏندو. ڪٿي شديد مينهن پوندا، ڪٿي ڏڪار ٿيندو. انهن اثرن لاءِ اسان کي ايندڙ حالتن مطابق پاڻ کي هيرائڻو پوندو. جنهن لاءِ اسان کي پاليسي ٺاهڻي پوندي.

نتيجو:

 GHG پيدا ڪرڻ وارا زور آور آهن ۽ انهن اثرن کي ڀوڳڻ وارا غريب. جيستائين انهن وٽ تباهه ڪندڙ آفتون اينديون رهنديون GHG وڌنديون رهنديون ۽ غريب ملڪ متاثر ٿيندا رهندا. پر هڪ مرحلو اهڙو به ايندو جو اهي طاقتور ملڪ به مجبور ٿي پوندا ۽ GHG جو اخراج گهٽائڻ تي راضي ٿي ويندا.

عالمي مسئلو:

موسمي ڦير گهير هڪ عالمي مسئلو آهي، جنهن لاءِ گڏيل قومن واري اداري ۽ موسمي کاتن وارن هڪ ادارو ٺاهيو ويو، جنهن کي (International panel of climate change IPPC)  سڏيو وڃي ٿو. انهيءَ بابت سڄي دنيا کي ڳڻتي آهي. هڪڙو انهن ملڪن کي، جن جي ٻڏڻ جو خطرو آهي ۽ ٻيو انهن ملڪن کي، جيڪي بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوئلو، تيل ۽ گيس استعمال ڪن ٿا. پاڪستان به انهن ملڪن ۾ شامل آهي، جتي موسمي ڦير گهير جي نتيجي ۾ ٻوڏون اچن ٿيون، گليشيئر رجن ٿا، سوڪهڙا ٿين ٿا ۽ جبلن تي مينهن پوڻ ڪري برف رجي ٿي، اتي ٿيل نقصانن ۾ پاڪستان جو پنجون نمبر آهي. اهي ملڪ جتي اهي آفتون اچن ٿيون، ڪيترن شهرن جي ٻڏڻ جو خطرو آهي. انهن ۾ ممبئي، لنڊن، ڍاڪا، هوانا، هوائي، ڊربن، سانتا مانيڪا، گلاسڪو، سنگاپور، هانگ ڪانگ، دبئي ۽ شنگهائي شامل آهن.

موسمي ڦير گهير ۾ ڪيئي لفظ استعمال ٿين ٿا:

Mitigation

گرمي پد گهٽائڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوئلي، گيس ۽ تيل جو استعمال نه ٿئي. پر انهيءَ لاءِ بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ متبادل ذريعا استعمال ڪجن، جن کي انگريزي ۾ Renewable ذريعا چيو وڃي ٿو. Adaptation

انهيءَ کي سولي سنڌي ۾ گرمي جو برداشت ڪرڻ چيو وڃي ٿو.

پيرس معاهدو:

سال 2015ع ۾ آمريڪي صدر بارڪ اوباما جي ڪوششن سان پيرس معاهدو ٿيو، جنهن کي Paris Agreement چيو وڃي ٿو. انهيءَ ۾ 7 شيون آهن:

1، دنيا جي گولي جو گرمي پد صنعتي انقلاب واري سطح کان 2 ڊگري منفي گرمي پد نه وڌڻ کپي.

  1. ڪوشش ڪئي وڃي ته مٿين واڌ 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ کان مٿي نه وڌڻ کپي.
  2. ملڪن طرفان گيسون گهٽائڻ واري پروگرام کي چيو ويو. جنهن کي انگريزي ۾ International Natural Development Commitments چيو وڃي ٿو ۽ ان کي هر سال پنجن سالن کانپوءِ ورجايو ويندو ۽ پهريون ورجائڻ سال 2023 ۾ ٿيندو.
  3. آمريڪا غريب ملڪن جي مدد ڪندو رهندو ۽ جيستائين اهي ملڪ گيسن جو مقدار گهٽائڻ ۽ موسمي ڦير گهير تي پاڻ کي هيرائي سگهن.
  4. انهن ملڪن تي ڪو ڏنڊ نه وڌو ويندو، جيڪي پنهنجي ڏنل پروگرام تي عمل نه ڪري سگهن.
  5. متاثر ملڪن کي نقصان ۽ معاوضو ڏنو ويندو.
  6. ملڪ ڪاربان جو وڪرو ڪري سگهندا.

گلاسڪو ۾ موسمي ڦير گهير بابت ٿيل فيصلا:

ڪانفرنس جيتوڻيڪ انگلينڊ جي شهر گلاسڪو ۾ 31 آڪٽوبر کان 12 نومبر تائين ٿي. انهيءَ ۾ پهريون فيصلو ٿيو. پهرين انهن فيصلن کان اڳ اچو ته پيرس معاهدي جي ڳالهه ڪريون، جيڪو فرانس جي شهر پيرس ۾ سال 2015ع ۾ ٿيو. ڇاڪاڻ ته انگلينڊ ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس انهيءَ بابت ئي آهي. پيرس ڪانفرنس ۾ جيڪي ڳالهيون ٿيون ۽ انهن جي نتيجي ۾ جيڪي فيصلا ٿيا، اهي مان مٿي لکي آيو آهيان.

ملڪن جا اعتراض:

ڪيترن ئي ملڪن انهن فيصلن تي اعتراض واريا. چين ۽ آمريڪا راضي ٿيا ته دنيا جي گولي جو گرمي پد 2 ڊگري سينٽي گريڊ کان نه وڌڻ کپي پر هنن ڪاربان جي استعمال گهٽائڻ  تي اعتراض ڪيا. انهيءَ معاهدي ۾ زبان جي ٻولي نرم ڪئي وئي. مالديپ ملڪ وارن چيو ته اسان جو ملڪ ٻڏندو ۽ اسان وڌ ۾ وڌ تڪليف ۾ اينداسين. تنهن ڪري دنيا جي گولي جو گرمي پد جيترو ٿي سگهي گهٽايو.