دعا زهرا ڪيس: ايس ايس پي توهين عدالت جا نوٽيس

0
279
دعا زهرا ڪيس
دعا زهرا ڪيس: ايس ايس پي توهين عدالت جا نوٽيس

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ پسند پرڻو ڪندڙ نينگري دعا زهرا کي عدالت ۾ پيش نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اي وي سي سي جي ايس ايس پي زبير نذير شيخ کي توهين عدالت جا شوڪاز نوٽيس جاري ڪري کيس  24 مئي تي نينگري کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

عدالت آءِ جي سنڌ کي نينگري دعا کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جو به حڪم ڏنو آهي

نينگري جي والد پاران نينگري جي بازيابي لاءِ داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته نينگري جو والد سيد مهدي علي ڪاظمي ۽ پوليس جو ايس ايڇ او پيش ٿيا ته ايس ايڇ او نينگري کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ بابت رپورٽ پيش ڪندي چيو ته نينگري لاهور واري ايڊريس تي هٿ نه اچي سگهي آهي جنهنڪري اڃا تائين نينگري بازياب نه ٿي سگهي آهي

عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اي وي سي سي جو ايس ايس پي زبير نذير شيخ ڪٿي آهي جنهن تي ايس ايڇ او ٻڌايو ته ايس ايس پي انساني اسمگلنگ جي روڪ ٿام بابت اسلام آباد ۾ جاري ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ويل آهي جنهن تي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو چيو ته ايس ايس پي کي عدالتي حڪمن جي ڄاڻ هئي پر ان باوجود ان ڪانفرنس کي عدالتي حڪمن کان مٿانهون رکيو