حليم عادل خلاف ڇاپا روڪيو:  آءِ جي کان جواب طلب 

0
272
حليم عادل خلاف ڇاپا روڪيو
حليم عادل خلاف ڇاپا روڪيو:  آءِ جي کان جواب طلب 

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ  ۽ ٻين خلاف ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪرڻ لاءِ داخل ڪيل درخواست تي سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري 14 جون تي لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي

حليم عادل شيخ جي ڀاءُ پاران داخل ڪيل درخواست جي شروعاتي ٻڌڻي دوران پٽيشنر جي وڪيل شاهد سومرو پاران موقف اختيار ڪيو ته حليم عادل شيخ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ آهي، ڪجهه وقت کان سنڌ حڪومت حليم عادل شيخ، سندس ڀائرن ۽ ٻين عزيزن خلاف انتقامي ڪارروائي تحت ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي، سندن گهرن تي به ڇاپا هنيا ويا آهن  عدالت کي گذارش آهي ته حليم عادل شيخ ۽ ٻين خلاف داخل ڪيل ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪري پوليس کي ڇاپن کان روڪيو وڃي