پنجاب واسڻ گونگي ناري ٺارو شاهه جي گونگي نوجوان سان پسند پرڻو ڪري ڇڏيو

0
323
پنجاب واسڻ گونگي ناري
پنجاب واسڻ گونگي ناري ٺارو شاهه جي گونگي نوجوان سان پسند پرڻو ڪري ڇڏيو

ٺاروشاهه: پنجاب جي گونگي ناري ٺاروشاھ واسي گونگي نوجوان سان واٽسپ تي پيار ٿيڻ بعد نوشھروفيروز جي عدالت ۾ پرڻو ڪري ڇڏيو آهي

ٺاروشاھ جي مغل محلا واسي نوجوان حبيب الله سهتو جو پنجاب واسي ناري اقصي’ بوزدار مغل سان واٽسپ تي رابطو ٿيو

نوجوان جي ڀاءُ سڪندر سهتو ٻڌايو ته منهجو ڀاءُ گونگو آھي جيڪو ٻن سالن کان واٽسپ تي پنجاب جي علائقي ساهيوال جي گونگي ڇوڪري سان ڳالهائيندو هو جڏھن ته اڄ ڇوڪري پنهنجي گونگي ڀاءُ سان گڏ ٺاروشاھ پهتي آھي

جوڙي کي نوشھروفيروز جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي هنن پيار جو پرڻو ڪيو آھي

هن چيو ته ڇوڪري جي ماءُ ۽ ڀائر راضي آھن جڏھن ته ڇوڪري جو پيءُ علي شير ناراض آھي جيڪو جوڙي کي مارڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيو آھي