درديلي آواز جي هڪ دور جي پڄاڻي …!!

0
144
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

محسن ملاح، محرابپور مان لکي ٿو

سنڌ پرڳڻي پنهنجي ڪُکِ مان ڪيترن ئي انمول ڪردارن کي جنم ڏنو آهي، جن مان نوحاخوانيءَ جي دنيا ۾ ڏيهان ڏيهي شهريت ماڻيندڙ تعلقي محرابپور جي قديم ۽ تاريخي ڳوٺ: ‘ٽنڊو مير علي اڪبر’ واسي زوار ڪريم بخش حاجاڻو (استاد ڪمن)، پڻ هڪ هو. استادڪمن، زوار مبارڪ علي حاجاڻو جي گهر ۾ پهرين جنوري 1951ع ۾ اک کولي. ڪمن حاجاڻو، لاءِ ڪنهن ٿي ڄاتو ته هو هڪ ڏهاڙي پنهنجي سُريلي آواز سبب دنيا جي مخلتف ملڪن ۾ پنهنجا مداح پيدا ڪري پاڪستان جو مشهور ۽ استاد نوحاخوان وارو اعزاز حاصل ڪندو. زوار استاد ڪمن حاجاڻو، هڪ بهترين شفيق، ملنسار ۽ مهمانواز انسان هو. گذريل اربع ۽ خميس جي وچ واري بدنصيب رات دل ۾ تڪليف ٿيڻ ڪري استاد کي سندس اولاد محرابپور اسپتال پهچايو پر زندگيءَ جا ساههَ ساٿ ڇڏي ويس. هو پنهنجي هزارين چاهيندڙ کي ڇڏي اڻ ڏٺي ڏيهه روانو ٿيو.

فاني ني فاني، دنيا دم نه هيڪڙو،

لٽي لوڙهه لتن سين، جوڙيندئي جاني،

ڪوڏر ۽ ڪاني، آهي سِرَ سڀ ڪنهن. شاهه

استاد ڪمن، جي وڇوڙي تي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سندس مداحن ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي. هن نوحا خواني جي شروعات 16 سالن جي ڄمار کان ڪئي ۽ زندگي جي آخري گهڙي تائين ذڪر حسين عه ڪندو رهيو. هن ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ماتمي حلقي ۾ نوحاخواني ڪري شهداءِ ڪربلا جي پيغام کي عام ڪيو. استاد ڪمن، ملڪ جي مشهور شاعرن جن ۾ محمد علي شاھه جوهر، حسين گوهر، ثقلين، لال، اختر چنيوٽي، فيض ۽ ٻين جي لکيل نوحن تي نامور موسيقارن جن ۾ مرحوم ڏاڏو حسين بخش مڱڻهار، فقير گلاب حسين مڱڻهار، عبدالحميد راڄپر، عبدالحميد ميمڻ کان طرزون رکرائي پنهنجي سريلي ۽ درد ڀرئي آواز ۾ پڙهي ڏيهه توڙي ڏيساور ۾ مقبوليت ماڻي. هن جي مقبوليت ۾ اضافي جو سبب حسيني قافلو ڀٽ شاھه بڻيو. جتي هن جا نوحا عزادار ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ٻڌڻ ايندا هئا. ملڪ جا مشهور نوحا خوان جن ۾ مرحوم مختيار علي شيدي، سيد رضا عباس شاھه، مشڪور حسين ڪوثر، ميوو ڪليري ۽ ٻيا هن جا پڙهيل نوحا پڙهي دنيا ۾ مقبول ٿيا. هن جا نوحا ٻڌي ڪيترائي نوجوان پڻ نوحاخوان بڻيا.

استاد ڪمن کي احترام وچان ماڻهو استاد ڪري سڏيندا هئا. اڄ به استاد ڪمن جا نوحا انٽرنيٽ وسيلي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ عزادار وڏي چاھه سان ٻڌي دلي سڪون حاصل ڪن ٿا. هو انتهائي شفيق، فقير مَنش ۽ مهمانواز هو. سندس وڇوڙي واري خبر ٻڌي هر عزادار ڏکويل آهي. مرحوم جي جنازي نماز سندس اباڻي ڳوٺ جي امام بارگاھه ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ شيعه اڳواڻ سيد سرڪار حسين شاھه، سيد سردار حسين شاھه، مشهور نوحا خوان ۽ شاعرن جن ۾ سيد حيدر شاھه بخاري، استاد الله يار رند، سيد مجاهد علي شاھه ناشاد، سيد افضل حسين افضل، مشڪور حسين ڪوثر، امتياز حسين اطهر، وسيم عباس هاشماڻي، بختيار علي شيدي، عبدالحميد ميمڻ ۽ مشهور عالم ۽ ذاڪر مولانا ارشاد حسين شاھه نقوي، مولانا منظور حسين سولنگي، مولانا عطا حسين بلاغي، مولانا امداد حسين شجاعي، مولانا رياض حسين نجفي ۽ سياسي، سماجي علمي، ادبي شخصيتن سميت سنڌ مان عزادارن ۽ استاد ڪمن جي پرستارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

مرحوم جي جنازي تي نوحا پڙهي، گريو زاري ڪري آلين اکين سان اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن مرحوم استاد ڪمن جي پٽ نوحا خوان ۽ شاعر اهلبيت فيض حاجاڻو سان تعزيت جو سلسلو هلندڙ آهي. استاد ڪمن حاجاڻو، جي فن ۽ شخصيت بابت شيعه اڳواڻن ۽ عزادارن جو چوڻ هو ته: استاد ڪمن، عزا جي دنيا ۾ اها هستي هئي جنهن کي ڏسي ڪيترائي نوحا خوان وڏا نوحا خوان بڻيا. سندس تعلق هڪ عزادار گهراڻي سان هجڻ سبب هن زندگي جو تمام وڏو حصو عزاداري امام مظلوم کي ارپيو. هن انمول ڪردار جي وڇوڙي جو خال ڀرجڻ جوڳو ناهي. اسين دعاگو آهيون ته مالڪ سندس جا درجات بلند فرمائي ۽ پونئرن کي صبر جي توفيق عنايت فرمائي. سندس ڇڏيل مشن کي اڳتي کڻي هلڻ جي سگهھ بخشي.