سنڌي شاعري جو معيار ۽ ادبي ايوارڊ

0
315
سنڌي شاعري جو معيار ۽ ادبي ايوارڊ

اسان وٽ ڪڏھن چيو ويندو آهي ته سنڌي شاعري جو معيار تمام سٺو آھي ته وري ڪڏھن چيو ويندو آھي اھا زوال پذير آھي. ھي سڀ اسان جا اندازا آھن. شاعري جي معيار جي صحيح خبر تڏھن پوندي جڏھن اسان ھر سال ۾ چپجندڙ چونڊ بھترين شاعرين جا ڪتاب ڇپرائڻ جي روايت وجھندا سين. پوءِ جڏھن اھي ڪتاب اردو ۽ انگريزي ۾ ترجمو ڪري ٻين ملڪن جي شاعري سان ڀيٽيا ويندا تڏھن اصل ۾ خبر پوندي ته سنڌي شاعري عالمي شاعري جي مقابلي ۾ ڪٿي بيٺي آھي.؟

 ان عمل سان ھڪ ٻيو وڏو فائدو اھو به ٿيندو ته اسان جي پڙھندڙن کي ھر سال سنڌ جي بھترين شاعري ھڪ ھنڌ پڙھڻ لاءِ ملي ويندي جنھن ڪري انھن ڪتابن جو وڪرو به سٺو ٿيندو. پر ان لاءِ اھو تمام ضروري آھي ته اھا چونڊ دوستي ياري تي مشتمل نه ھجي پر اھا چونڊ فقط ۽ فقط معيار مطابق ھجڻ گھرجي.

   اسان وٽ جڏھن ادبي ڪتابن کي ايوارڊ ڏنا ويندا آهن ته فقط ايترو ئي ٻڌايو ويندو آهي ته فلاڻي ڪتاب کي ايوارڊ ڏنو ويو. وڌيڪ بھتر رھندو جيڪڏھن ڪتابن جي جيوري يا پينل تفصيل سان فيصلو ٻڌائي ته مجموعي طور ڪيترا ڪتاب ڏٺا ويا. انھن مان ڪھڙا ڪتاب شارٽ لسٽ ڪيا ويا ۽ پوءِ ڪھڙن ٽن ڪتابن مان ھن ڪتاب کي ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.

اھا سموري معلومات جيوري وٽ لازمي طور موجود ھوندي، جن اھا سڄي محنت ڪئي آهي فقط انھن کي اھا ظاھر ڪرڻي آهي. فائدو ان جو اھو ٿيندو ته ان سان ٻين ليکڪن کي به ھڪ اتساھه ملندو ته انھن جو ڪتاب به شارٽ لسٽ ٿيو يا ٽاپ ٽين ۾ آيو ۽ پڙھندڙن کي به سٺي ڄاڻ ملندي ته ھن سال ڪھڙا معياري ڪتاب شايع ٿيا آهن. ٻيو ته ٺھيو فقط اھا لسٽ ته ھر سال ڪيترا شاعري، ناول يا ڪھاڻين جا ڪتاب آيا انھن جي ليکڪن جي نالن سميت ظاھر ڪرڻ ھڪ وڏي ڊيٽا آھي جيڪا تمام ڪارائتي ثابت ٿيندي. سو اھا مشق سڄي ادبي دنيا لاءِ نھايت فائديمند ثابت ٿيندي. اميد آھي ته اڳتي اھڙا سمورا ادارا جيڪي ڪتابن جي ايوارڊن جو اعلان ڪندا آهن سي ھن تجويز تي ضرور غور ڪندا.

 ٻيو ته انھن ايوارڊن ۾ فقط انھن ڪتابن کي شامل ڪيو ويندو آهي جن جون ڪيتريون ئي ڪاپيون ليکڪن کي پاڻ مفت ۾ پوسٽ جي خرچ سميت موڪلڻيون ھونديون آھن. مثال ڪو تمام سٺو ڪتاب ھجي پر ڪنھن سبب ڪري ليکڪ نه موڪلي سگھي ته ان ڪتاب کي شامل ئي نه ڪيو ويندو! جيڪا ھڪ زيادتي آھي ۽ ايوارڊ جي معيار تي تمام گھڻو اثر انداز ٿئي ٿي. ان معاملي کي به ڏسڻ گھرجي. ھڪڙي پبلشر کي چيم ته سفرنامو لکيو آهي ته وراڻيائين ته سائين سفرنالو ھلي ئي نه ٿو. مان چيومانس جڏھن شاعري جي ڪتاب جي ڳالھه ٿي ڪجي ته چوندا آھيو ته شاعري جو ڪتاب ماڻھو نه ٿا وٺن. ته چيائين ڪھاڻين جا ڪتاب به نه ٿا ھلن! مان سوچڻ لڳس ته جيڪڏھن ھي صحيح ٿو چوي ته ماڻھو نه شاعري ٿا پڙھن نه ڪھاڻيون نه سفرناما ته باقي اھي ڇا ٿا پڙھن؟   اسان وٽ ھڪ اديب سان وڏي جٺ ڪئي ٿي وڃي.

سڀ کان اڳ ته ھو پنھنجو وقت سيڙائي عوام لاءِ مفت ۾ ٿو لکي. وري پنھنجا پئسا ڀري ڪتاب ڇپرائي. ڪتاب ڇپرائڻ کانپوءِ مفت ۾ انھن جون ڪاپيون ورھائي. ڳالهھ اتي به ختم نه ٿي ٿئي. ان کانپوءِ وري پئسا ڀري مھورت جو پروگرام ڪرائي ۽ اديبن کي ايلاز ڪري ته ان ۾ شرڪت ڪريو ۽ ڪجهھ لکي اچو. اڪثر جن اديبن دوستن کي ڪتاب ٿا ڏجن ته اھي کولي پڙھن به نه ٿا. نه ئي ڪا فيڊبيڪ ذاتي طور تي ڏين ٿا يا فيس بڪ تي رکن ٿا. سائين بيدل مسرور فيس بڪ تي ھي مشورو ڏنو ھو ته جيڪڏھن ڪنھن به سنڌي ليکڪ جو ڪتاب شايع ٿئي ته گهٽ ۾ گهٽ ان جا اهي فيس بڪ فرينڊ ۽ فالووَر ئي ڪتاب خريد ڪن ته پنج هزار ڪتاب هڪ هفتي ۾ وڪامي ويندا. ان قسم جي روايت جي شروعات ٿيڻ گھرجي ته جن ماڻھن کي ڪتاب گفٽ ٿو ڪجي گھٽ ۾ گھٽ اھي ته ڪتاب پڙھي ڀلي مختصر ئي صحيح پر ڪتاب بابت ڪا راءِ ته ڏين ۽ ڪتاب پسند اچي ته فيس بڪ تي تفصيلي ڪمينٽ به ڪري ٿو سگھجي ته جيئن ٻين کي به ان ڪتاب بابت معلومات ملي.

منھنجي خيال ۾ ڪتاب مارڪيٽ ۾ نه ھلڻ جو ھڪ وڏو سبب ان اشتھار بازي جي گھٽتائي به آھي. ماڻھن کي ڪيئن خبر پوي ته ڪھڙو ڪتاب آيو آهي ۽ ان ڪتاب ۾ ڇا آھي.؟ جيستائين ان تي پروگرام نه ٿيندا، ان جون رپورٽون اخبارن ۾ نه اينديون ۽ فيسبڪ تي ان تي تبصرا نه ٿيندا ڪتاب بابت ماڻھن کي خبر ڪيئن پوندي؟ سنڌي ادبي سنگت ٻيو ڪجهھ نه به ڪري پر ايترو ته ڪري ته جيڪي ڪتاب ليکڪ پاڻ ٿا ڇپائين گھٽ ۾ گھٽ ان تي پروگرام ته ڪرائي ٿي سگھي يا ان تي ادبي ويھڪ ته ڪوٺائي ٿي سگھي. ھر سال ڪيترا ڪتاب شايع ٿيا ادبي سنگت کي اھا ڊيٽا ضرور پاڻ وٽ رکي ھر سال ان جو اعلان ڪرڻ گھرجي ته ھن سال ڪيترا ۽ ڪھڙا شاعري، ڪھاڻين، ناولن، سفرنامن يا ٻين موضوعن جا ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا آهن.

ادبي ميلن جو به بنيادي مقصد اھو ئي ھو ته نون ڪتابن جا مھورتي پروگرام ٿين. پر خاص طور تي سنڌي ادبي ميلن ۾ اھڙا سيشنس گھٽ رکيا ٿا وڃن ۽ ھر سال ڄڻ ته ساڳيا سيشنس۽ ساڳيا موضوع رکيا ويندا آھن ايتري حد تائين ته ڳالھائڻ وارا به ساڳيا ئي ھوندا آھن.  جھڙي طرح ڪرڪيٽجو بھترين ڪوچ ضروري ناھيته پاڻ بھترين ڪرڪيٽربه ھجي يا ھڪ موسيقار بھترين ڳائڻو به ھجي اھڙي طرح ھڪ بھترين ليکڪ يا دانشور ضروري ناھي ته ادبي پروگرامن يا ميلن جو بھترين سيشنز ڊزائينر يا آرگنائيزر به ھجي. بلڪل ايئن جيئن آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جو صدر احمد شاھه پاڻ ھڪ بھترين ليکڪ نه آھي پر ادبي پروگرامن جو بھترين ڊزائينر توڙي آرگنائيزر آھي. اھو ھڪ بلڪل جدا شعبو آھي جنھن لاءِ الڳ صلاحيت ٿي کپي. بحرحال انھن ادبي ميلن ادب جي واڌ ويجھه ۾  تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. ڪتابن جو وڪرو وڌيو آهي. عوام کي اديبن سان ملڻ جو موقعو ٿو ملي. خود اديبن کي ھڪٻئي سان ملڻ جو پليٽ فارم ٿو ملي ۽ نوجوانن جو ادب ڏانھن چاھه وڌيو آهي.