اسين فقير ماڻهو

0
421
ٿاٻڙجي ڪرڻ لاءِ پٿريون ئي کوڙ !

  ڪجھه ماڻهو قسمت جا شاهوڪار هوندا آهن ته ڪجھه  قسمت جا ماريل. اڄ هڪڙو قصوهڪ قسمت جي ماريل ماڻهو جو ڪيون ٿا. هو فقير ماڻهو جنهن جي پوري زندگي ڏک ۽ تڪليف سان ڀريل آهي . اڃان چار سال جو هو ته سندس پيءُ وفات ڪري ويو. رشتيدارن ۾ سڀني مٽن مائٽن کان علاوه سندس ماءُ ئي هڪ انمول رشتو هئس ، جيڪو قدرت کي هن وٽ هئڻ منظور نه هو يا کڻي ايئن چئون ته ظالم سماج هن يتيم کان اهو رشتو به کسي ورتو. چون ٿا جڏهن هو فقير ڇهه سال جو هو ته هڪ ڏيهن سندس پيءُ جي پڦي ڪجهھ ٻين ويجهي مائٽن سان ملي هن جي ماءُ جي خلاف هڪ سازش رچي ۽ هن کي انڊيا روانو ڪري ڇڏيو. جتي هڪ پوڙهي شخص سان هن جي شادي ڪري ڇڏيائون. پراڻي زماني جي اڻ پڙهيل هڪ سادي عورت اهو سمجھي نه سگھي ته هن کي هندستان گھمائڻ نه بلڪه هميشه لاءِ وٺي وڃجي پيو. هن جا زيور ۽ ڪجھه ٿورو سامان پڻ هن کان ورتو ويو. هو پنهنجي هڪ پٽ کي ساڻ کڻي وئي جيڪو تمام ننڍو هو ۽ هي فقير هتي پاڪستان ۾ هميشه لاءِ رهجي ويو. غربت ۽ ڪو مضبوط سماجي سهارو نه هئڻ جي ڪري، نه هن جي ماءُ پاڪستان وري ڪڏهن آئي ۽ نه وري هي ڪڏهن هن سان  ننڍپڻ ۾ ملي سگهيو.

پنهنجي جيجل جي هنج مان هي ٻار وقت جي بي رحم بستر تي پيءُ جي ٿڌي ڇانو  کان بغير پلندو رهيو ۽ سال گذرندا رهيا.

پهرين ڪلاس ۾ هو جڏهن جدائي هن جو مقدر بڻي،  پوءِ پڙهائي ۾ هن جي دل نه لڳي ۽ نه ئي وري پڙهڻ لاءِ ڪنهن هن کي زور ڀريو ، سو هي ٻار پڙهي لکي نه سگھيو . وقت هن سان ان معاملي ۾ پڻ دغا ڪري ويو.

زندگي جو ڦيٿو ڦرندو رهيو ۽  پنهنجي دل ۾ مائٽن جي جدائي جو غم ، بي رحم سماج ، اڪيلائي، نا سمجھي ، سگريٽ نوشي ۽ پان کائڻ جي عادت سان گڏ هي ڇوڪرو هڪ جوان ڊگھو ، سٺن نيڻ نقشن سان وڏو ٿيو.

فقيراڻي طبعيت جو مالڪ  هي شخص انتهائي سادو، ماءُ وانگر ، سچو  ۽ ايماندار هو. اسان جي سماج ۾ اهڙي ماڻهو سان ڇا ٿيندو آهي سو هن سان به اهو ٿيو.

پڙهيل لکيل ته هوئي  ڪونه  جو نوڪري ڪري پنهنجو پيٽ پالي،  سو مزوري ڪندو هو . فقيراڻي مزاج ، طبعيت ۽ نا سمجهي جي ڪري هڪ جاءِ تي ڪم نه ڪري سگھيو ڪڏهن بسن تي ڪنڊيڪٽري ڪيائين ته ڪڏهن ماڻهن جا ڪپڙا استري ڪيائين ته ڪڏهن ڪپڙن جي  دهلائي جو ڌنڌو شروع ڪيائين . مطلب هو هر ڪم ڪري پئسا ڪمائڻ جي ڪوشش ڪندو هو ۽ اهو سلسلو هميشه قائم رهيو.

ٻئي طرف هن جي ماءُ کي ڪو ٻيو اولاد نه ٿيو . ساڻ کڻي ويل ٻار به هاڻي وڏو هو. هن ماءُ جون اکيون روئي روئي هاڻي سمجھوتو ڪري چڪيون هيون. بس درياءَ جي ٻن ڪنارن وانگي هي ٻه انسان پنهنجي پنهنجي پاسي رڙي رڙي زندگي گذارڻ تي مجبور هئا.

هُن وقت 1952ع ۾ رليز ٿيل هندستاني فلم بيجو باورا جو هڪ مشهور گانو ،  فقير کي ڏاڍو پسند هوندو هو ۽ اڪثر هو ڳائيندو رهندو هو. گھڻو فلمن جو شوقين نه هو پر هن گاني کي هو پنهنجي ماءُ جي ياد سان ملائيندو هو.

ڏسڻ وارن هن کي گانو ڳائيندي پنهنجي آلين اکين کي صاف ڪرڻ ڏٺو آهي ۽ هر دفعي ڏٺو. گاني جا ٻول ڪجھه هيئن هئا :

اڪيلي مت جيو راڌي جمنا ڪي تير

هو جي هوهو

تو گنگا ڪي موج مين جمنا ڪا ڌارا

هو رهي گا ملن يي همارا

هو همارا تمهارا رهي گا ملن

يي همارا تمهارا

ان فلم جي هيروئن مينا ڪماري هئي،  جيڪا هڪ خوبصورت عورت هئي. جواني  جو ڀرپور دور هو گاني سان گڏ هن کي مينا ڪماري به ڏاڍي وڻندي هئي ۽ ڇو نه وڻي. اها اداڪارا ان وقت تقريبن هر ماڻهو جي دل جي ڌڙڪن هئي. هن همراه سان مختلف اهو ٿيو جو هن جي هڪ سئوٽ هوندي هئي جيڪا گھڻي ڀاڱي مينا ڪماري جهڙي لڳندي هئي. پر هو ايتري خوبصورت هئي جو سڄو پاڙو ان کي گل سڏيندا هو.

ان گل جي عشق ۾ هي به گرفتار ٿي ويو ۽ پنهنجي رشتيدارن کي چوڻ لڳو منهنجو رشتو هن ڏي موڪليو. ٿيو ايئن جو هن جي پڦي جي چوڻ مطابق هن جو رشتو هڪ ٻي سئوٽ سان ڪرڻ جو سوچيو ويو  جيڪا هن سان گڏ گھر ۾ رهندي هئي.

هي ڪجھه ضدي ، ڪجھه  پنهنجي ڪرڻ وارو ته ٿي ئي ويو هو سو وڏن جي نه مڃيائين ۽ زور ڀريائين ته شادي مون کي گل سان ئي ڪرڻي آهي.

ڪافي ڏينهن جي بحث کان پوءِ نيٺ گھر وارا رشتو کڻي ويا ٻي سئوٽ جي گهر، جيڪا ان شهر ۾ ئي هئي.

اهو عشق ئي ڪهڙو جيڪو آساني سان ملي وڃي.  مٿان هي قسمت جو ماريل. سو رشتي کان انڪار ٿي ويو. سبب اهي ٻڌايائون ته هڪ پان کائي ٿو، ڪو مستقل ڌنڌو نٿو ڪري. سگريٽ پئي ٿو. هن به طئه ڪري ڇڏيو شادي ڪبي ته هن سان نه ته ڀلي ڪنوارو رهجي وڃان.

۽ واقعي سال گذري ويا هو پنهنجا چاليهه ورهيه به پار ڪري ويو پر شادي نه ڪيائين.

ٻئي طرف به حالتون ڪجھه مختلف نه هيون. گل سهڻي ،سگهڙ ،سليقي واري هئڻ سان گڏ غريب به هئي. هي به پڙهي لکي نه هئي صرف چار درجا پاس هئي. سو هن جو رشتو به ڪٿي ٿي نه رهيو هو.

الاءِ هن جون دعائون هيون يا ان معاملي ۾ قسمت مهربان ٿي يا واقعي پيار سچو هو يا وري قسمت ڪو نئون تماشو هن جي زندگي ۾ ڏيکارڻ ٿي چاهيو جو آخر گل جا گهر وارا مڃي ويا ۽ فقير جي شادي گل سان ئي ٿي.

ٻه ماڻهو پنهنجي پنهنجي زندگي جي جنگ وڙهندي گڏ ٿيا. جتي فقير خوش ٿيو اتي گل ڪافي پريشان هئي ته هي زندگي ڪيئن گذرندي. فقير جي مائٽن جو راضپو هونئن ئي نه هو سو هنن ٻنهي جي زندگي ۾ جيڪي مشڪلاتون آيون انهن کي حل ڪرڻ بجاءِ هي باهه ۾ گاسليٽ جو ڪم ڪندا هئا .ڪجهھ مهينن بعد جھيڙا ٿيندا هئا. فقير کي ڳالهه سمجھه  ۾  نه ايندي هئي.  گل گهر ٺاهڻ چاهيندي هئي.  جھيڙن ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيندي فقير جو پيار ذرو به گھٽ نه ٿيو.  هي اڃان به هو گانو ڳائيندو هو ۽ هاڻي پنهنجي پياري زال ڏي مخاطب ٿيندو هو:

اگر تو هي ساگر تو منجھدار مين هون

تيري دل ڪي ڪشتي ڪا پتوار مين هون

چلي گي  اڪيلي نه تم سي يي نيا

ملي گي نه منزل تمهين بن خويا

هو رهيگا ملن يي همارا تمهارا

۽ آخر ڪار فقير جي مينا ڪماري کي به هن سان پيار ٿي ويو.

زندگي معمول سان گذرڻ لڳي هنن کي پٽ ڄائو.  پر وري قدرت کي ڪجھه ٻيو منظور هو. اولاد جي خوشين ۾ هو ڪجھه  پنهنجي  ڪربناڪ ماضي کي وساري ها ته  ڪجهھ ڏيهن ۾ مالڪ اولاد جي نعمت هن کان  واپس وٺي ويو. فقير صفا ٽٽي پيو. هن جي گل به هي صدمو برداشت نه ڪري سگهي  ۽ چپ لڳي وئي. ڄڻ ته خوشيون هنن لاءِ ختم ٿي ويون.

فقير جي طبعيت جي بيزاري  واپس هن جي شخصيت ۾ اچي وئي. سگريٽ جيڪي هن گهٽ ڪري ڇڏيا هئا وري پيئڻ لڳو. پان جيڪي ڇڏي چڪوهو سو هاڻي ڪڏهن ڪڏهن کائڻ لڳو.

وقت گذرندو رهيو. ٻيهر هن کي ڌيءَ جو اولاد مليو جنهن کي هو چوندو هو هي منهنجو پٽ آهي. فقير پنهنجي پهرين اولاد کي وساري نه سگهيو اهو زخم هن جي دل ۾ گھر ڪري ويو.

ڌيءَ ننڍي هئي سال جي ته هڪ ڀيرو هو هند ستان ماءُ سان ملي آيو . ڪافي سالن کان پئسا گڏ ڪري  هي ايئن ڪري سگھيو.

 هندستان مان واپسي تي هن کي ايئن لڳو جهڙو هو ڇهه سالن جو آهي. هن جي دل ختم هئي. ڪجهھ  سالن ۾ سندس ماءُ جي وفات ٿي وئي ،  ۽ وري ڀاءُ به هن فاني دنيا کي جلد ڇڏي ويو. بس ڌيءَ سان محبت ۽ هن جي  گل کي ڏسي جيئڻ جي ڪوشش ڪندو هو. آخرڪار ڪئنسر جي مرض ۾ مبتلا ٿي ، هي فقير هميشه لاءِ پنهنجي سورن واري زندگي کي الوداع چئي ويو.