فلم ”زندگي تماشا“ 2022ع ۾ رليز ڪرڻ جو اعلان

0
196

ڪراچي (شوبز نيوز) عالمي ايوارڊ يافتا ۽ سال 2020ع ۾ پاڪستان طرفان ”آسڪر“ لاءِ نامزد ڪيل فلمساز سرمد کوسٽ جي فلم ”زندگي تماشا“ جو ٽريلر ٻيهر رليز ڪندي ان کي ايندڙ سال رليز ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.”زندگي تماشا“ جو پهريون ٽريلر شروعاتي طور تي سيپٽمبر 2019ع ۾ جاري ڪيو ويو هيو جنهن کان پوءِ ان کي جنوري 2020ع ۾ رليز ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هيو پر ڪجهه مذهبي حلقن طرفان اعتراض کان پوءِ ان جي نمائش ملتوي ڪئي وئي هئي.پر هاڻ فلم جو ٽريلر ٻيهر جاري ڪندي ان کي مارچ 2022ع ۾ سينيمائن ۾ ڏيکارڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

”زندگي تماشا“ کي پاڪستان ۾ رليز ڪرڻ کان اڳ ڪجهه عالمي فلم فيسٽيولز ۾ ڏيکاريو ويو آهي ۽ فلم ”ايشين فلم فيسٽيول“ سميت ”بوسان فلم فيسٽيول“ ۾ ايوارڊز به حاصل ڪيا هئا.”زندگي تماشا“ جي جاري ڪيل ٽريلر مان جيتوڻيڪ فلم جي ڪهاڻي جواندازو لڳائڻ ڏکيو آهي پر اندازو ٿئي ٿو ته فلم جي ڪهاڻي انتهائي حساس ۽ اهم موضوع تي ٻڌل آهي.