پاڪستاني ٽيم لاءِ پهريون ڀيرو پاور هٽنگ ڪوچ مقرر ڪرڻ جو فيصلو

0
591
پاڪستاني ٽيم لاءِ پهريون

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڪوچز جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته نيشنل هاءِ پرفارمنس سينٽر ۾ ڪوچز جي مقرري لاءِ اشتهار به جاري ڪيا ويا آهن. پي سي بي هاءِ پرفارمنس ڪوچ، بيٽنگ ڪوچ، بالنگ ڪوچ، فيلڊنگ ڪوچ ۽ پاور هٽنگ ڪوچ لاءِ درخواستون طلب ڪيون آهن

واضح رهي ته پاڪستان ٽيم لاءِ پهريون ڀيرو پاور هٽنگ ڪوچ جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون، جڏهن ته ڪوچز نيشنل هاءِ پرفارمنس سينٽر ۾ مقرر هوندا ۽ ڪوچز جو ڪردار نئين نسل جي ڪرڪيٽرز تي فوڪس ڪرڻ هوندو. پي سي بي موجب ڪوچز ۾ دلچسپي رکندڙ 17 جنوري تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهن ٿا.