خيرپور (رپورٽر) بودلا پاڙي راڻيپور جي رهواسڻ 7 مهينن جي حاملا عورت مسمات صوبيا زال سجاد ملاح پنهنجي پيءُ هادي بخش عرف شمن ملاح سان گڏ صحافين اڳيان احتجاج ڪندي دانهيندي الزام مڙهيو آهي ته ايس ايس پي آفيس خيرپور جي ڪلارڪ پنهنجي دوست سان گڏ مون کي ٽن ڏينهن تائين جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو آهي، هن چيو ته مون کي منهنجي ڀاڄائي دوا وٺي ڏيڻ جي بهاني خيرپور گهرايو، جِتي مونکي هڪ گهر ۾ قيد ڪري ڇڏيو، جتي هنن ايس ايس پي آفيس جي ڪلارڪ ۽ سندس دوست مون سان جنسي زيادتي ڪئي، هن چيو ته پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هن مطالبو ڪيو ته جوابدار کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.