ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احساس سينٽرن تي مستحق عورتن جي پئسن مان ڪٽوتي جو سلسلو نه رڪجي سگهيو. عورتن جون دانهون، ڀٽ شاهه مان 4 ايجنٽن کي گرفتار ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد حسن کوسو ڪنري ۾ احساس ڪفالت سينٽر جي وزٽ تي پھتو. جتي اي سي پاران ايجنٽن ۽ عورتن جي شڪايتن تي ڪارروائي ڪندي سينٽر تي عورتن ۽ ايجنٽن جي ويڊيو ٺاھي فيس بوڪ تي ھلائي ۽ انھن کان مبينا ٺڳي ذريعي بليڪ ميل ڪرڻ جي الزام ھيٺ فڪس اٽ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري محمد عمر آرائين کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار نوجوان خلاف ڪنري ٿاڻي تي سرڪار جي مدعيت ۾ عورتن کان ٺڳي ۽ بليڪ ميل ڪري پئسا وٺڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو. هوڏانهن سڪرنڊ ڀرسان دليل ديرو ۾ احساس ڪفالت پروگرام جي رقم هلڻ دوران مبينا طور سينٽر جي عملي ۽ ڊيوائس هلائيندڙن پاران من پسند عورتن کي پئسا ڏيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ سينٽر تي موجود عملي ۽ ماڻھن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، سينٽر جي عملي پاران ماڻھن کي ڌڪا ڏيڻ کان پوءِ بدنظمي پيدا ٿي وئي ۽ پوليس جي موجودگي ۾ هڪ ٻئي تي لتن مڪن ۽ ٺونشن سان حملو ڪري ڏنو، جنهن کان پوءِ سينٽر عملي ڊيوائسون بند ڪري ڇڏيون. اطلاع تي اي سي سڪرنڊ محمد سليم جتوئي ۽ ٻين پهچي ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌي صلح ڪرائي سينٽر ٻيهر شروع ڪرايو. ٻئي طرف ڀٽ شاھ ۾ احساس ڪفالت سينٽر تي اي سي ھالا عبدالفتاح پنھور ۽ ايس ايچ او ڀٽ شاھ جاويد حيات پنھور جي اڳواڻي ۾ ڇاپو ھڻي غير قانوني طور مستحق عورتن کان ڪٽوتي ڪندڙ 4 ايجنٽن کي گرفتار ڪري سينٽر کي بند ڪرائي ڇڏيو. غير قانوني ڪٽوتي جي شڪايتن بعد اسسٽنٽ ڪمشنر ھالا احساس ڪفالت سينٽر تي ڇاپو ھنيو، ڪٽوتي جي الزام هيٺ علي گوھر، معشوق علي، وقار ۽ محمد علي سميت 4 ايجنٽن کي ڊوائيسن سميت حراست ۾ وٺي پوليس موبائل ۾ ويھاري ٿاڻي تي کڻي ويا. هوڏانهن شيخ ڀرڪيو ۾ احساس ڪفالت سينٽر ۾ بيٺل ايس ايچ او شيخ ڀرڪيو جي پرائويٽ ڊرائيور 80 ورهين جي پيرسن عورت سان گڏ آيل سندس پوٽي شهاب الدين دائيداڻو تي تشدد ڪندي کيس ٻن ڪلاڪن تائين بنا جواز لاڪپ ڪري ڇڏيو ، پيرسن عورت جي منٿن بعد کيس آزاد ڪيو ويو. پيرسن عورت ۽ شهاب الدين احتجاج ڪندي دانهيون ته احساس ڪفالت سينٽر تان امداد جا پئسا کڻڻ آيا سين جنهن تي ايس ايچ او جي پرائيويٽ ڊرائيور مهر علي ڀٽي رشوت جي پئسن جي گهر ڪئي . منع ڪرڻ تي هن سينٽر اندر وڃڻ کان روڪيو هن چيو ته هنن سينٽر اندر وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڊرائيور پاران لتن مڪن جو وسڪارو ڪري ڏنو جنهن ڪري ٽنگ ۽ ٻانھن ۾ ڌڪ لڳا آهن پرائيويٽ ڊرائيور زبردستي ٿاڻي ۾ ٻن ڪلاڪن تائين بنا جواز بند ڪري ڇڏيو ,پيرسن عورت جي منٿن تي کيس خاموش رهڻ جو چئي آزاد ڪيو ويو. هنن انصاف جو مطالبو ڪيو. ٻئي طرف ميهڙ ۾ احساس ڪفالت پروگرام تحت آيل پئسن جي قسط مان ايجنٽ مافيا پاران سرعام ڪٽوتي جاري آھي، ھر ھڪ عورت جي پئسن مان سرعام 500 کان ھڪ ھزار تائينن ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن ٽنڊوالهيار جي احساس ڪفالت سينٽرن ۾ رشوت مستحق عورتن لاءِ آيل پئسن جي قسط مان ايجنٽن پاران سرعام ڪٽوتي جاري آهي. سينٽرن تي 50 جي لڳ ڀڳ ڊوائيس ھولڊر ايجنٽ مافيا سرگرم ٿي ويا آھن جيڪي احساس ڪفالت پروگرام جي ايندڙ پئسن مان مستحق عورتن جي آيل 12هزار مان 5سو کان ھڪ ھزار رپين تائين ڪٽوتي ڪري رهيا آهن. ٻئي طرف فريدآباد ۾ پنھنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز تي نشر ٿيل احساس ڪفالت سينٽر تي عورتن کان ڪٽوتي جي خبر نشر ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي اسسٽنٽ ڪمشنر ميھڙ عبدالحميد مغل ۽ مختيار ڪار ميھڙ الابخش مگسي فريدآباد احساس سينٽر تي پھچي سينٽر تي موجود عورتن کان قسط مان پئسا ڪٽجڻ بابت پڇيو عورتن جي شڪايت تي 8 کان وڌيڪ عورتن کي ڪٽيل رقم ڊوائيس مالڪن کان واپس ڪرائي وئي. نواب ولي محمد، کاهي، گهوٽڪي، پريالوءِ، ميرپور ساڪرو، ڏيپلو، تلهار، اسلام ڪوٽ ۽ روهڙي ۾ احساس سينٽرن تان 5 سو کان 1000 تائين ڪٽوتي جو سلسلو نه رڪجي سگهيو.