ٽنڊو ڄام (ن پ ا) ٽنڊي ڄام ڀرسان کيسانه موري واري علائقي ڀرسان ڳوٺ حيدرشاهه آبڙي ۾ چئن ورهين جي نينگري صدف زهره سان مبينا طور ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي وئي، سندس والد رضوان خاصخيلي جي فرياد تي ٽنڊو ڄام ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، داخل ٿيل ايف آئي آر ۾ ڄاڻيو ويو آهي ته نجو عرف حقو خاصخيلي نينگري کي شيءِ وٺي ڏيڻ جي بهاني وٺي وڃي، ڀرسان واري فصل ۾ جنسي ڏاڍائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته دانهون تي والد پهتو، نجو عرف حقو خاصخيلي ٽنڊو الهيار جي رهائشي ۽ نينگري جو عزيز ٻڌايو ٿو وڃي، پوليس والد رضوان خاصخيلي جي فرياد تي ڏاڍائي جي ڪوشش جو ڪيس داخل ڪري نينگري صدف زهره کي ميڊيڪل ڪرائڻ لاءِ ليٽر ڏنو ويو آهي، رابطو ڪرڻ تي ٽنڊو ڄام پوليس ٻڌايو ته نينگري جي والد جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي جوابدر ٽنڊو الهيار جو رهائشي آهي، سندس گرفتاري لاءِ ٽيم اماڻي آهي.