خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ويگن ۾ سوار جوابدارن موٽر سائيڪل سوار سچل ٽائون جي رهواسي ماجد ڀٽو کي مبينا طور اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت ڪرڻ تي جوابدارن نوجوان کي سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ کان پوءِ فرار ٿي ويا. واقعي بعد نوجوان کي زخمي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو. زخمي نوجوان ماجد ڀٽو صحافين کي ٻڌايو ته ويگن ۾ سوار 25 کان وڌيڪ جوابدارن کيس اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي هن ساڻن مزاحمت ڪئي ته جوابدارن کيس سخت تشدد جو نشانو بڻايو ۽ سندس کيسي ۾ پيل 80 هزار رپيا روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا. هوڏانهن بي سيڪشن ٿاڻي تي واقعي جي جوابدار انور ميتلو، ساجد ميتلو، عمران ۽ علي ڏنو سميت 6 ڄڻن خلاف اين سي داخل ڪرائي وئي آهي.