وارث ڏنو ماڇي (ن پ ا) وارث ڏنو ماڇي ويجهو ڳوٺ فاضل ماڇي ۾ چاچن ۽ ڀائيٽن وچ ۾ زرعي زمين ۽ مڇي جي کڏ جي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ فائرنگ ۾ چئن ڀائرن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ اصغر علي، پنهل، اڪبر، ارشاد ۽ سندن چاچو فيروز طارق چانڊيو شامل آهن، زخمين کي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو ويو،