خيرپورناٿن شاهه (رپورٽ: ارشاد کوسو) خيرپورناٿن شاهه ڀرسان لکين رپين جي ماليت جون سرڪاري دوائون ڪچري جي ڍير تان هٿ اچڻ واري معاملي ۾ ڊي جي هيلٿ  نوٽيس وٺندي انڪواري ٽيم جوڙي ڇڏي، ٽيم ڳوٺ ٿلهو پهچي وئي پر اڻڄاتل ماڻهن انڪواري ٽيم کان اڳ ثبوت ختم ڪري ڇڏيا.  انڪواري ٽيم مطابق ڪي به ثبوت نه مليا آهن، اسان اڃان جاچ ڪريون پيا. ان ڏس ۾ انڪواري  ٽيم جي اڳواڻ سول سرجن دادو ڊاڪٽر پير غلام حسين ڊاڪٽر شاهد شيخ ڳوٺ ٿلهو پهتا. ماڻهن پاران دوائن جا ڊٻا کڻي ڇڏڻ ڪري انڪواري ٽيم ڳوٺاڻن جا بيان رڪارڊ ڪري واپس هلي وئي. رابطو ڪرڻ تي انڪواري ٽيم جي اڳواڻ ڊاڪٽر پير غلام حسين ٻڌايو ته ۽ سر زمين جو جائزو ورتو آھي. وڌيڪ جاچ ڪريون پيا هينئر ڪجهه نٿا ٻڌائي سگهون. سڀاڻي به جاچ ڪندا سين. اڳ هڪ ٻي انڪواري ٽيم ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ليلا رام ميڊيا ڪوآڊينٽر هيپاٽائيٽس ڪنٽرول پروگرام خرم شھزاد ۽ ٻين پڻ ڳوٺ ٿلهو پهچي معاملي جي جاچ ڪري ڳوٺاڻن جا بيان ورتا. جاچ ٽيم صحافين کي موقف ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته اسين رپورٽ اعليٰ اختيارين کي ڏيندا سين. سڄاڻ ڌرين شھري اتحاد جي چيئرمين حافظ امين جمالي، سماجي اڳواڻ اياز ٻرڙو ۽ ٻين چيو ته ڍير تان هٿ آيل لکين رپين جي ماليت جون هيپاٽائيٽس بي کان بچاءُ وارين ويڪسين جا پاڪيٽ جيڪي مدي خارج ٿيڻ کان اڳ ڪچري واري ڍير تي اڇلائڻ جي جاچ ڪئي وڃي. صحت کاتي جي انتظاميه غير سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو آھي. اتي ايڏي وڏي مقدار ۾ ويڪسنن جا پاڪيٽ پيل هئا، جيڪي ميڊيا تي ڪورج ٿيڻ بعد جاچ کان بچڻ لاءِ ثبوت ڪڍي ختم ڪيا ويا آھن. انڪواري ٽيمون خانا پوري ڪري من پسند ماڻھن کان بيان وٺي معاملي کي ڪاغذي ڪارروائي بعد ختم ڪري ڇڏيندي ۽ معاملي کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. اسين وزيراعليٰ سنڌ ۽ چيف سيڪريٽري کان مطالبو ٿا ڪريون ته صاف شفاف انڪواري ڪرائي ملوث هليٿ کاتي جي ڪامورن عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو.