ڳڙهي ياسين (ن پ ا) ڳڙهي ياسين ۾ پ پ جي اڳوڻن عهديدارن ۽ نون عهديدارن ۾ هڪ ٻي مٿان الزامن جو لڳائڻ وارو سلسلو رڪجي نه سگهيو، پ پ جي اڳوڻي تعلقي جنرل سيڪريٽري بشير سومرو پ پ جا پراڻا جيالا ساڻ ڪري پريس ڪلب پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان جي پريس ڪانفرنس ڪرڻ جو مقصد تعلقي اندر پ پ گذريل 3 سالن کان غيرفعال بڻيل آهي، جنهن جو ڪارڻ پ پ تعلقي صدر پنهنجن ڪن مجبورين سبب شهر مان غائب آهي ۽ پارٽي کي هڪ غيرسرگرم تعلقي جنرل سيڪريٽري هلائي رهيو آهي، جنهن ڪري تنظيم کي تمام گهڻو ڌڪ رسيو آهي، هنن چيو ته پ پ چيئرمين کي اپيل ٿا ڪريون ته سچن ڪارڪنن تي مشتمل سموري تعلقي جي نئي سر تنظيم سازي ڪئي وڃي.