ڪنڌڪوٽ/تنگواڻي/دوداپور (نمائندن وٽان) ڪنڌڪوٽ، تنگواڻي ۽ دوداپور ۾ ارڙي وبائي صورت اختيار ڪري وئي آهي، صحت کاتي پاران اپاءُ نه وٺڻ ڪري ارڙي وگهي ٻن نينگرين سميت 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، رپورٽ موجب دوداپور شهر ۾ پورھيت غلام محمد ڀيو جي معصوم نياڻي طيبا ارڙي وگهي فوت ٿي وئي، جڏهن ته پورهيت جون 3 ٻارڙيون سهانا، رمشا ۽ شمائلا ارڙي ۾ مبتلا آهن، جن جو علاج نه ٿي سگهيو آهي، ٻي طرف تنگواڻي جي ڳوٺ ڪمال مگسي ۾ 3 ورهين جي نينگري عليشا ڌيءُ طالب ميراڻي ارڙي وگهي فوت ٿي وئي، جنهن بعد ساڳئي ئي ڳوٺ ۾ ارڙي وگهي فوتين جو انگ 4 ٿي ويو آهي، جڏهن ته تعلقي ۾ ارڙي وگهي فوتي ٻارڙن جو انگ 7 آهي، هوڏانهن ڪنڌڪوٽ جي دايا پاڙي ۾ 3 ورهين جو نينگر ياسر لاشاري ارڙي وگھي فوت ٿي ويو، جڏهن ضلعي اندر 10 ڏينهن اندر 9 معصوم ٻار ارڙي وگهي فوت ۽ ڪيترائي ٻارڙا ارڙي جي موضي مرض ۾ مبتلا آهن. ان حوالي سان متاثرن دانهيندي چيو ته ارڙي وگهي ٻارڙا فوت پيا ٿين پر صحت کاتي ڪوبه تحرڪ نه ورتو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڳوٺ ۾ ٽيمون موڪلي بيمار ٻارڙن جو علاج ڪرايو وڃي.