خيرپور ناٿن شاهه( ن پ ا) خيرپورناٿن شاھ جي ڳوٺ ڏتل ٻٻر جو رهواسين امداد ٻٻر، صحبت ٻٻر، خادم ٻٻر، امير بخش ٻٻر، محمد ادريس ٻٻر، ظھير ٻٻر، احسان ٻٻر، ۽ وزير علي ٻٻر جي اڳواڻي ۾ ڪنڊي چکي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو، امداد ٻٻر صحافين ڳيان دانهيندي ٻڌايو ته خيرپورناٿن شاھ ايس ايڇ او علي اڪبر چنا وڏي نفري ساڻ ڪري اسان جي گهر ۾ داخل ٿي گهر ۾ ڀڃ ڊاھ ڪري گهر ۾ پيل لکين رپين جا سونا زيور ۽ روڪ رقم ڏيڍ لک روپيا کڻي منهنجي ڀاء محبوب ۽ ان جي نوجوان پٽ بخت علي ٻٻر کي کنڀي کڻي ويو. بعد ۾ اسين ايس ايڇ او علي اڪبر چنا سان ملياسين ته هن چيو ته پنج لک رپيا ڏيو ته همراهن کي ڇڏيندس ٻي صورت ۾ هنن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ڇڏيندس يا هاف فرائي ڪري ڇڏيندس ۽ رشوت نه ڏيڻ جي صورت ۾ منهنجي ننڍي ڀاء محبوب کي ڪوڙو پوليس مقابلو ڄاڻائي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، جڏھن ته هيئنر تائين منهنجي ننڍي ڀائيٽي بخت علي کي ظاهر ڪرڻ لاء تيار ناهي. هن اعلي’ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته منهنجي ڀاء مٿان داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري ۽ منهنجي ڀائيٽي کي آزاد ڪري ايس ايڇ او علي اڪبر چنا خلاف قانوني قدم کنيو وڃي ٻي صورت ۾ مان ٻارن ٻچن سميت باھ ڏئي ساڙي ڇڏيندس جنهن جي ذميواري ايس ايڇ او خيرپورناٿن شاھ علي اڪبر چنا تي هوندي.