ڀٽ شاهه (ن پ ا) ڀٽ شاهه ۾ لاڪ ڊائون ۽ لوڊ شيڊنگ سبب شهري ۽ درزي پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. ڪاروبار صبح 6 کان شام 6 تائين کولڻ واري فيصلي ۽ 10 کان 12 ڪلاڪ جي لوڊ شيڊنگ سبب درزين لاءِ عيد لاءِ ڪپڙا تيار ڪرڻ مشڪل ٿي پيو آهي، اڪثر دڪاندارن ۽ درزين ديدار علي جويو، صدام حسين، مکڻو ميگهواڙ، محمد حسن، راجا ميگهواڙ، بابو ميگهواڙ، نويد چانڊيو، اسلم علي، دلي جان چوهاڻ، غلام علي جويو ۽ ٻين ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار آڏو دانهيندي چيو ته لاڪ ڊائون ۾ درزين کي رعايت ڏني وڃي. هنن چيو ته هڪ پاسي سمورو ڏينهن لوڊ شيڊنگ کي منهن ڏيندا آهيون. 10 کان 12 ڪلاڪ بجلي بند هوندي آهي سڄو ڏينهن واندا ويٺا هوندا آهيون. ته شام جو وري 6 بجي پوليس دوڪان بند ڪرائي ڇڏيندي آهي. اسان هر سال جيان عيد لاءِ سوين جوڙا تيار ڪرڻ لاءِ ورتا آهن پر هاڻي ته اهي به تيار ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي، اڳ بيروزگار ويٺا آهيون هاڻي وري عيد جي سيزن ڪمائڻ نٿي ڏني وڃي،هنن چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته لوڊ شيڊنگ ختم ڪئي وڃي ۽ لاڪ ڊائون ۾ اسان درزين کي رعايت ڏني وڃي. هوڏانهن لوڊشيڊنگ سبب روزيدار به پريشان ٿي ويا آهن، شهرين مطالبو ڪيو آهي ته لوڊشيڊنگ جو سلسلو گھٽايو وڃي.