احمدپور (ن پ ا) پيرڳوٺ لڳ خيرپور- احمدپور لنڪ روڊ تي ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمھون سامھون ٽڪر جي  نتيجي ۾ 2 عورتون ۽ هڪ نوجوان زخمي ٿي پيا. پيرڳوٺ لڳ خيرپور- احمدپور لنڪ روڊ تي ڪانهر اسٽاپ وٽ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ ڳوٺ فتح علي چانڊيو واسي نوجوان  ممتاز علي چانڊيو، اقبال خاتون سيمت 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. اطلاع ملڻ تي پيرڳوٺ پوليس  واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي خيرپور اسپتال منتقل ڪيو.