سيوھڻ (ن پ ا) سيوھڻ شھر ۾ درگاھ قلندر جي مک روڊن تي شھر ۽ زائرين جا کيسا ڪٽجڻ ۽ موبائل فونون نڪرڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي جڏھن ته جيب ڪترن جي ھڪ خانگي ريسٽ هائوس ٻاھران لڳل سي سي ڪئيمرا جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي، جنھن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته 3 جيب ڪترن مان هڪ ڄڻو سرعام ڏينھن ڏٺي جو درگاهه روڊ تي ھڪ زيارتي جي کيسي مان موبائل ڪڍڻ بعد روانو ٿي رهيو آهي ۽ ھڪ ٻيو جيب ڪترو ان جي چوڪيداري ۽ ٽيون جوابدار موبائل نڪرڻ بعد زائرين کي سندن گاڏي ۾ ويھاري رھيو آھي. ٻئي طرف سيوھڻ پوليس خاموشي جي ننڍ ستل آھي. ڪيترن ئي ايندڙ پانڌيئڙن جي کيسن کي ٻھاري ڏيڻ ۽ موبائل فونون نڪري وڃڻ روز جو معمول بڻيل آھي، ان سلسلي ۾ شھرين ۽ زائرين آءِ جي سنڌ،  ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو ته جيب ڪترن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري زائرين ۽ شھرين کي نقصان کان بچايو وڃي ۽ نااھل پوليس خلاف پڻ ڪارروائي ڪئي وڃي.